ميرپورخاص (بيورو) ميرپورخاص ۾ لاشاري برادري جي مرد عورتن پنجين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي گوٺ محمد علي لاشاري ڏانهن ويندڙ رستا کولڻ جو مطالبو ڪيو، رخسانه، ريحانه، شبنم، خوشبو، راشد علي، علي رضا ميهار لاشاري سميت ٻين عورتن پريس ڪلب ميرپورخاص آڏو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هنيو، جنهن سبب حيدرآباد روڊ لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين بند رهيو، مظاهرين رهائشي ڪالوني جي مالڪ وڪيل شهزاد جٽ جي قتل بعد لاشاري برادري جي گوٺن جا رستا بند ڪرڻ ۽ پوليس پاران رهواسين تي تشدد خلاف احتجاج ڌرڻو هنيو، عورتن دانهيندي چيو ته وڪيل شهزاد جٽ جي وارثن کي چڱي ريت خبر آهي ته قاتل ڪير آهي، تنهن هوندي به بيگناهن کي قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڳوٺ جي سامهون ڀت اڏي رستا مڪمل طور بلاڪ ڪيا ويا آهن، هن سموري تعميراتي عمل دوران پوليس نگراني موجود آهي، پر ان کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي آهي، رستن جي بندش سبب گوٺاڻا گهرن ۾ قيد ٿي ويا آهن ۽ آمدرفت سخت متاثر ٿي آهي، آخر ۾ هنن مطالبو ڪيو ته گوٺ جا رستا فوراً کوليا وڃن ۽ انتقامي ڪارروايون بند ڪيون وڃن.