بلاول پاران صوبي کان ٻاهر سنڌ حڪومت جا منصوبا جلد پورا ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ صوبي کان ٻاهر سنڌ حڪومت جي جاري عوامي ڀلائي جي منصوبن جو اجلاس ٿيو. بلاول ڀٽو کي تعليم، صحت ۽ مفت هائوسنگ منصوبن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ کيس ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي صحبت پور ضلعي ۾ سنڌ پيپلز  هائوسنگ تحت 4,500 متاثرن کي گهر فراهم ڪيا پيا وڃن. گوجر خان، ڀيرا، رحيم يار خان، ڊيرا اسماعيل خان ۽ مظفر ڳڙهه ۾ ايس آءِ يو ٽي تحت اسپتالون تعمير ڪيون پيون وڃن ته جيئن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ گردن جي علاج جون جديد سهولتون موجود هجن. مالاڪنڊ ضلعي جي بٽ خيلا ۾ هڪ ڇوڪرين جو ڪاليج ۽ عورتن لاءِ هڪ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پڻ ٺاهيو پيو وڃي. ملتان ۾ بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽي جي ويجهو هڪ آئي ٽي پارڪ قائم ڪيو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري هدايت ڪئي ته سنڌ حڪومت پنهنجا منصوبا جلد مڪمل ڪري ته جيئن پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.