اسلام آباد (بيورو) پيمرا چيئرمين جي مقرري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي تي ٻڌل پارلياماني ڪميٽي ٻن نالن کي شارٽ لسٽ ڪري ڇڏيو آهي. پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. تحريڪ انصاف جي بائيڪاٽ سبب سينيٽر علي ظفر به اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي. اجلاس دوران شهباز بابر کي ڪميٽي جو چيئرمين چونڊيو ويو. اجلاس ۾ چوڌري شهباز بابر، سيد رضا علي گيلاني، سينيٽر سرمد علي ۽ سينيٽر سيد علي ظفر شامل هئا. ڪميٽي پاران عنبرين جان، بريگيڊيئر (ر) انوار متين حيدر، ڊاڪٽر حامد عرفان ۽ اشرف خان جي نالن جي اسڪروٽني ڪئي وئي. پارلياماني ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر سرمد علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو ته چيئرمين پيمرا ڪير هوندو، في الحال ٻه نالا تجويز ڪيا ويا آهن جن ۾ بريگيڊيئر (ر) انوار ۽ عنبرين جان شامل آهن. سينيٽر سرمد علي موجب جيڪڏهن عنبرين جان کي چيئرمين پيمرا مقرر ڪيو ويو ته هوءَ ملڪ جي تاريخ جي پهرين عورت چيئرمين پيمرا هوندي، جڏهن ته جيڪڏهن بريگيڊيئر (ر) انوار چونڊيو ويو ته هو پهريون اهڙو چيئرمين هوندو جيڪو اڳ ۾ بريگيڊيئر رهي چڪو هوندو. ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي چيئرمين پيمرا لاءِ عنبرين جان جو نالو وزيراعظم ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جي صلاح تي صدر چيئرمين پيمرا جي مقرري جي منظوري ڏيندو.