اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) غالب جي شعر جيان دل کي خوش رکڻ لاءِ اهو سٺو خيال آهي، حقيقت ۾ اهي رڳو خيال آهن. تجزئي نگار اعزاز سيد موجب، راڻا ثناءُالله جي تجويز موجب پي ٽي آءِ کي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي ڪنٽرول رکڻو پوندو، اها تجويز اڳ ئي ڏني وئي هئي، ان ۾ ڪجهه اسٽيبلشمينٽ جا ويجها ماڻهو هئا ته ڪي ميڊيا ۽ ڪي سياست ۾ آهن. گذريل هڪ ٻه مهينن ۾ بيانن کي ڏسو ته هڪ ڳالهه واضع آهي، هو چون ٿا ته سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم هلائي وڃي ٿي، ان کي بند ڪيو وڃي، ته پوءِ ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. ٻي ڳالهه اها آهي ته ڪير ضمانت نٿو ڏئي سگهي ته عمران خان صاحب ملاقات ۾ ويهندو ۽ ڪجهه اهڙو نه چوندو جيڪو ٻين لاءِ شرمندگي جو سبب بڻجي. ملاقات ۾ شامل ماڻهن ۾ سڀ کان طاقتور ماڻهو به شامل آهن، پر ڪنهن کي به اها ضمانت نه آهي ته اهي واقعي ويهندا. نواز شريف منهنجي خيال ۾ سڌو سامهون ويهڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. آصف علي زرداري شايد ويهڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، پر عمران خان ان سان ملاقات نه ڪندو، ڇو ته جيڪڏهن هو ويهندو ته ان جي سياست ختم ٿي ويندي. عمران خان هميشه پنهنجن سياسي مخالفن کي چور ۽ ڦورو چوندو رهيو آهي هاڻي ان سان نه ويهندو. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي سياست ۾ في الحال ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي رهي. روز سياستدان وڏيون تياريون ڪن ٿا پر گذريل ٻن ٽن سالن کان ساڳيو ماحول آهي. تاريخ مان سبق اهو ملي ٿو ته سياستدان رڳو تڏهن اڳتي وڌندا جڏهن حالتون ۽ احتجاجي تحريڪون وڌن. مسئلو اهو آهي ته طاقتور حلقا کڻي حڪومت ۾ هجن، طاقت جي مرڪزن ۾ هجن، اپوزيشن ۾ هجن يا جيل ۾ هجن، اهي سڀ اخلاقي حوالي سان ڪنهن اعليٰ معيار تي ناهن بيٺا. ڪنهن جو ڪو اخلاقي اصول ئي ناهي. ماضي ۾ ڏسجي ته ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته جنرل مشرف خلاف اوچتو تحريڪ شروع ٿي پوندي. حالتون تبديل ٿيندي ڪا دير ناهي لڳندي. ان کان نواز شريف به اوچتو جيل ۾ هليو ويو هو، عمران خان مقبول هو ۽ اوچتو جيل ۾ هليو ويو. سياستدان تجويزون ڏين ٿا ۽ سياسي حل جي ڪوشش ڪندا آهن، پر موجوده تجويزون عملي طور سنجيدا نه آهن. راڻا ثناءُالله سياسي ڪارڪن آهي، جيڪڏهن اها تجويز محسن نقوي يا فيصل واوڊا جهڙا سياستدان ڏين ها ته ان کي سنجيده وٺي سگهجي ها.