غزا ۾ سنگين صورتحال تي پاڪستان سوڌو 8 ملڪن طرفان ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان، مصر، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب، ترڪيه ۽ متحدا عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن غزا ۾ خراب انساني صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل بيان جاري ڪري ڇڏيو، گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته غزا پٽي ۾ انساني بحران شديد موسمي  حالتن، لڳاتار برساتن ۽ طوفانن سبب وڌيڪ سنگين ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ناڪافي انساني امداد، بنيادي ضرورتن جي سخت کوٽ ۽ بنيادي سهولتن جي بحالي لاءِ گهربل سامان جي سست ترسيل صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزيرن نشاندهي ڪئي ته خراب موسم غزا ۾ انساني حالتن جي نازڪ صورتحال کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، جتي لڳ ڀڳ 19 لک بي گهر ماڻهو ناڪافي عارضي پناهه گاهن ۾ رهڻ تي مجبور آهن، بيان موجب پاڻي هيٺ آيل خيما، متاثر عمارتن جو ڪري پئجڻ، سرد موسم ۽ خوراڪ جي کوٽ عام شهرين، خاص طور ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ بيمار ماڻهن جي زندگين کي شديد خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سبب بيمارين جي پکڙجڻ جو انديشو پڻ وڌي ويو آهي، گڏيل بيان ۾ گڏيل قومن جي سڀني ادارن، خاص طور يو اين آر ڊبليو اي ۽ بين الاقوامي انساني تنظيمن جي ڪوششن کي ساراهيو ويو، جيڪي انتهائي ڏکين حالتن جي باوجود فلسطيني عوام تائين امداد پهچائي رهيون آهن، پرڏيهي وزيرن مطالبو ڪيو ته اسرائيل گڏيل قومن ۽ بين الاقوامي اين جي اوز کي غزا ۽ اولهه ڪناري ۾ بغير رڪاوٽ، لڳاتار ۽ محفوظ نموني ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي، ڇاڪاڻ ته انساني امدادي عمل ۾ انهن جو ڪردار انتهائي اهم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.