اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت اسلام آباد جي مڪاني قانون ۾ ترميم لاءِ آرڊيننس آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن کان پوءِ راڄڌاني ۾ مڪاني چونڊون ٻيهر ملتوي ٿيڻ جو امڪان آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪابينا ڪميٽي براءِ قانون سازي جي 3 ڊسمبر وارن فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) آرڊيننس 2025 بابت ڪيل ڪارروائي به منظور ڪئي وئي، جنهن تحت اسلام آباد ۾ وارڊن جو انگ وڌايو ويندو. ڪابينا اجلاس دوران اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 26 آگسٽ واري اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته آف گرڊ ليوي بابت بجلي ورهائڻ واري ڪمپنين جي صارفين کي رليف ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت خساري ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي نجيڪاري لاءِ پرعزم آهي ۽ معاشي سڌارن سان ملڪ کي استحڪام ڏانهن آندو ويو آهي.