بيروزگار نوجوان ۽ قسمت جي محتاجي!

قاسم خاصخيلي

قسمت تي ڀاڙڻ بجاءِ انسان کي دل سان محنت ڪرڻ گهرجي، چيو ويندو آهي ته صبر جو ميوو ڏاڍو مٺو هوندو آهي، دراصل ان صبر جي پويان به محنت جو ئي وڏو عمل دخل هوندو آهي، ان ڪري انسان چاهي ڪٿي به هجي ڪھڙي به شعبي ۾ ڪم ڪندو هجي پر جيڪڏهن محنت نه ڪندو ته مٺو ڦل يعني اهو ميوو به حاصل نه ڪري سگهندو، موجوده وقت جڏهن اسان جي ملڪ جي آبادي گهڻو ڪري نوجوانن تي ٻڌل آهي، اها هڪ بهتر ڳالهه به آهي، انهن ئي نوجوانن جي وسيلي سان ملڪ جي معيشت جي بهتري سان گڏ اسان پنهبجي وڏڙن جا ڏٺل ۽ رهجي ويل اڌورا خواب به پورا ڪري سگهون ٿا، پر ان جو شرط اهو آهي ته اسان جي نوجوانن کي مستقل مزاجي سان محنت کي ترجيح ڏيڻي پوندي، ڪيل محنت جي  بهتر نتيجن لاءِ صبر سان اڳتي وڌڻو پوندو، نوجوانن کي ڪڏهن به ڪنهن به موڙ تي نه همت هارڻي آهي ۽ نه ئي صبر جي پلاند مان هٿ ڪڍڻو آهي، تڏهن وڃي هو زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن مقصد کي ماڻي سگهندا، ائين ڪوبه انسان بنا محنت جي  ڪجهه به ناهي  ٿي سگهندو، نه ئي هو ڪنهن منزل تي پهچي سگهندو آهي.

هن وقت سنڌ جا ڪافي اهڙا رول ماڊل نوجوان آهن جيڪي ڳوٺن مان نڪري وڏن شهرن ۾ ننڍا ننڍا ڪم ڪري اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ پويان رهيل پنهنجي واسطي وارن مسڪين ماڻهن کي به روزگار سان لڳائي رهيا آهن، جنهن ۾ خاص طور ڪراچي ۾ تمام بهترين ۽ ڪافي دوست اهو ڪم ڪري سنڌ جي نوجوانن کي نوان نوان آئيڊياز ڏئي رهيا آهن، سنڌ جا پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجي ڪراچي رهڻ واري ايڊريس جي سي وي ٺهرائين، ڪمپنين شاپنگ مالز ۽ فيڪٽرين ۾ اها ڏيندا رهن، ڪمپيوٽر سکيل ماڻهو غيرسرڪاري آفيسن ۾ اپلائي ڪندا رهن ته يقينن اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ جي اڪثر آبادي غربت مان نڪري سگهي ٿي  بيروزگاري گهٽ ٿي سگهي ٿي مستقبل ۾ مسئلن کان پاڻ بچائي سگهجي ٿو پر ان لاءِ صبر ۽ شڪر سان محنت ديانتداري ٻڌي همٿ ۽ خوش اخلاقي لازمي هجڻ گهرجي جنهن تي قسمت به هنن جو ساٿ ڏئي سگهي ٿي، پر هٿ تي هٿ ڏئي گهر ويهي ڪنهن وڏيري يا ڀوتار جي پويان لڳي وقت وڃائڻ سان گڏ ڪنهن سرڪاري نوڪري جي آسري ۾ عمر ڳاري ڇڏينداسين ته ڪڏهن به خواب پورا ڪري نه سگهنداسين، جيڪڏهن سنڌ جا نوجوان مٿين هنن چند ڳالهين تي عمل ڪن ته اهو ڏينهن پري ناهي جو سنڌ جا نوجوان نه رڳو جلد پنهنجي پيرن تي بيٺل نظر ايندا پر هنن سان زندگي ۾ ڪي مسئلا به نه ٿيندا، بلڪه هو ملڪي معيشت جي ترقي ۾ به قابل فخر ڪم ڪري ملڪ ۽ قوم کي دنيا ۾ وڌيڪ عزت جو مقام ڏياري سگهن ٿا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.