نيويارڪ(م ڊ) نيويارڪ جي پهرين مسلمان ميئر، ظهران ممداني، قرآن پاڪ تي عهدي جو حلف کنيو.نيويارڪ جي پهرين مسلمان ميئر ظهران ممداني، قرآن پاڪ تي عهدي جو حلف کنيو.آمريڪا جي نيويارڪ شهر جي پهرين مسلمان ميئر ظهران ممداني، قرآن پاڪ تي عهدي جو حلف کنيو.پرڏيهي ميڊيا موجب، ظهران ممداني سٽي هال نيويارڪ ۾ عهدي جو حلف کنيو، زهران ممداني قرآن پاڪ تي عهدي جو حلف کنيو. نيويارڪ جي اٽارني جنرل ليٽيشيا جم، زهران ممداني کي عهدي جو حلف کڻايو. ظهران ممداني جي زال پڻ ان موقعي تي موجود هئي.ياد رهي ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي سان تعلق رکندڙ زهران ممداني 4 نومبر 2025 تي ٿيندڙ ميئر جي چونڊ ۾ 50.78 سيڪڙو ووٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ نيويارڪ جو 112 هون ميئر چونڊيو ويو.