ميرپورخاص ۾ پوليس طرفان ڳوٺ محمد علي لاشاري جو گهيرو برقرار، غزا جهڙي صورتحال

ميرپورخاص (رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص جي قديمي ڳوٺ محمد علي لاشاري ۾ انتظاميا ۽ پوليس طرفان سمورا ايندڙ ۽ ويندڙ رستا بند ڪري ڳوٺ کي چئني پاسن کان ديوارن سان گهيري ۾ آندو ويو جنهن سبب ڳوٺ عملي طور قيد خاني جو منظر پيش ڪرڻ لڳو صورتحال غزا ۽ فلسطين جهڙين حالتن جي ياد ڏيارڻ لڳي آهي، جتي نه آزاد اچ وڃ ممڪن آهي ۽ نه ئي بنيادي سهولتن تائين رسائي موجود آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا ڏاڍ ۽ جبر جو مظاهرو ڪندي غيرقانوني نموني گهر، ديوارون، واش روم ۽ ڪرائي جا ڪمرا مسمار ڪيا آهن، جڏهن ته گيس، بجلي ۽ پاڻي جون سهولتون مڪمل طور منقطع ڪيون ويون آهن، جنهن سبب عورتن، ٻارن ۽ پوڙهن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، تازي واقعي ۾ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ سول اسپتال جي ملازم ممتاز لاشاري جي والده جي وفات بعد رستا بند هجڻ سبب جنازي کي ڪڍڻ لاءِ ديوارن  مٿان ڪلھي ڪانڌي وڏي مشڪلاتن سان جنازو مٽايو ويو جنازي نماز جھنگ ۽ ڪنڊن واري علائقي ۾ ادا ڪئي وئي، جيڪو انساني حقن جي سنگين لتاڙ جو کليل مثال قرار ڏنو پيو وڃي۔ ٻئي طرف ڳوٺ ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، جتي پٺئين پاسي کان پهتل واٽر ٽينڪر تان پاڻي وٺڻ لاءِ سوين عورتون ۽ معصوم ٻارڙا ٿانوَ ۽ برتن کڻي گڏ ٿيا، پاڻي جهڙي بنيادي ضرورت لاءِ اهڙي تذليل ڳوٺاڻن جي تڪليفن کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ، رستا کولڻ، غيرقانوني ڪارروائين کي روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي بنيادي سهولتون بحال ڪرڻ جو پرزور مطالبو ڪيو آهي.

ميرپورخاص ۾ گهر ڊاهڻ خلاف ڳوٺاڻن جو ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) ميرپورخاص ۾ انتظاميا پاران ڳوٺ محمد علي لاشاري ۾ لاشاري برادري جا گهر ڊاهي پٽ ڪرڻ خلاف احتجاجي  مظاهرو ڪيو ويو، ڪراچي پريس ڪلب سامهون لاشاري بلوچ هيومن رائٽس ويلفيئر آرگنائزيشن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي محمد اسحاق لاشاري،  ايڊووڪيٽ ثناءُ الله لاشاري  سردار جلال خان ۽ ٻين ڪئي، احتجاجي مظاهرو ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ميرپورخاص جي قديمي ڳوٺ محمد علي لاشاري کي انتظاميا پاران بااثرن جي چوڻ تي قبضا ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪيو پيو وڃي جيڪو سراسر ظلم آهي، اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ لڳ قتل ٿيل وڪيل چوڌري شهزاد جي قتل کان پوءِ انتظاميا ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي آءِ جي ميرپورخاص سڄي ڳوٺ جي ماڻهن کي هراسان ڪري گهر ڊهرائي رهيا آهن، اڳواڻن جو چوڻ هو ته راتين جو گهرن تي چڙهايون ڪري بي ڏوهي ماڻهن کي هراسان ڪري ڳوٺ مان لڏائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته وڪيل چوڌري شهزاد جي قتل جو سبب ڄاڻائي ڪيتريون ئي گرفتاريون ڪيون ويون آهن پر سڄي ڳوٺ کي ان جي سزا ڏيڻ بجلي، گئس ۽ پاڻي بند ڪرڻ ڪٿان جو قانون آهي، جي آئي ٽي جوڙي ان معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي بي ڏوهي گرفتار ٿيل ۽ گم ڪيل لاشاري برادري جي ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.