اسلام آباد(ظفر نقوي)ڊان جي ڪالم نگار عارفه نور پنهنجي 30 ڊسمبر جي ڪالم ۾ لکندي آهي ته 2025 جي پڄاڻيءَ تي گوڙ ۾ هڪ اهم بيان نظرانداز ٿي ويو، جنهن ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل(ايس آءِ ايف سي) جي قومي ڪوآرڊينيٽر ليفٽننٽ جنرل سرفراز احمد چيو ته پاڪستان وٽ ڪو واضح ترقياتي پلان ناهي ۽ مالي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، جتي حڪومت رڳو ٽيڪسن کي وڌائڻ تائين محدود آهي، جيڪو سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو آهي۔ڪالم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومت ۽ وزيراعظم معاشي استحڪام جون دعوائون جاري رکيون، پر اسلام آباد جي سياسي حلقن ۾ اين ايف سي ۾ تبديليون، آئيني ترميمون ۽ معيشت بابت سنجيده خدشن جون افواهون جاري رهيون، جن کي بلاول ڀٽو زرداري جي تقرير پڻ وڌيڪ زور ڏنو، جنهن ۾ وفاقي مالي بار ورهائڻ جي آڇ ڪئي وئي۔عارفه نور لکي ٿي ته اقتدار ۾ موجود طبقي تي عام شهري کي رليف ڏيڻ جو دٻاءُ آهي، ڇاڪاڻ ته آزاد ۽ منصفانه چونڊن کانسواءِ عوامي قبوليت حاصل ڪرڻ جو اهو ئي واحد رستو بچيو آهي۔ انهيءَ تناظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف طرفان اپوزيشن سان ڳالهين جي آڇ کي به معيشت سان ڳنڍيو پيو ڃي۔ڪالم موجب، تازين آئيني تبديلين کان پوءِ طاقت چند هٿن ۾ مرڪوز ٿي چڪي آهي، ۽ عدليه، ميڊيا ۽ اپوزيشن جي مزاحمت کي قانونسازي ۽ طاقت جي ذريعي دٻايو ويو، جنهن کان پوءِ هاڻي حڪمرانن وٽ عوامي فلاح مهيا نه ڪرڻ جو ڪو جواز باقي ناهي.آخر ۾ ڪالم انهيءَ تاثر سان ختم ٿئي ٿو ته يا ته ڪابينا ۾ معيشت سان لاڳاپيل ٽيم ۾ تبديليون ٿينديون، يا پورو سيٽ اپ قرباني جو ٻڪر بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته معيشت آخرڪار اقتدار ۾ موجود ڪجهه چهرن کان جواب ضرور طلب ڪندي.