ملير ۾ مبينا پوليس مقابلو، نينگر جو قاتل ڏوهاري مارجي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ملير نشترآباد ريلوي ٽريڪ ڀرسان مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويل ڏوهاري 12 ورهين جي ٻار جي قتل ۾ ملوث هو، ملير نشترآباد ريلوي ٽريڪ ڀرسان ٿيل مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدار ڦرلٽ دوران 12 ورهين جي ٻار کي قتل ڪيو هو ۽ سندس  امڙ کي زخمي ڪيو هو، ماڊل ڪالوني ٿاڻي جي حدن ۾ مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ محمد رضوان ولد فضل حڪيم طور ٿي آهي، جيڪو 15 مئي 2025 تي لانڍي ٿاڻي جي حدن ۾ ڦرلٽ دوران 12 ورهين جي ٻار امين عرف شانو کي قتل ۽ سندس ماءُ ناصره کي زخمي ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث هو، ڪيس جي جاچ ايس آءِ يو پوليس ڪري رهي هئي، جڏهن ته پوليس عملدارن موجب مارجي ويل جوابدار ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار محمد رضوان جي قبضي مان 30 بور پسٽل، لوڊ ٿيل ميگزين، گوليون ۽ سچل ٿاڻي جي حدن مان چوري ٿيل موٽر سائيڪل به هٿ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.