آصف،نواز،شهباز،عمران۽ اهم شخصيت کي گڏ ويهڻ جي ضرورت آهي:راڻا ثناء

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ملڪ جا 5 وڏا آهن، انهن وچ ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ رابطو ٿيو ته صورتحال سٺي نموني اڳتي وڌي سگهي ٿي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته جيئن 2025 ۾ سٺيون خبرون آيون، اميد ته 2026 وڌيڪ معاشي  استحڪام جو سال هوندو. هن چيو ته جن سوشل ميڊيا اڪائونٽن تان ادارن خلاف مهم هلائي ويندي آهي، انهن کي بند ڪرڻ گهرجي، پي ٽي آءِ قيادت اهو چئي جان نٿي ڇڏائي سگهي ته انهن اڪائونٽن تي سندس ڪنٽرول ۽ تعلق ناهي، جيڪڏهن انهن اڪائونٽن تان رڳو پروپيگنڊا ئي ڪرڻي آهي ته مخالف سياسي جماعتن ۽ سياستدانن خلاف ڪيو . راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ جا 5 وڏا آهن، جن ۾ نواز شريف، شهباز شريف، آصف زرداري، پي ٽي آءِ باني ۽ هڪ ٻي شخصيت شامل آهي، انهن وچ ۾ اعتماد وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن، جيڪڏهن اهو رابطو ٿيو ته صورتحال سٺي نموني اڳتي وڌي سگهي ٿي . راثناءُ الله چيو ته انهن پنجن مان هڪ مسلسل گاريون ڏئي رهيو آهي، ڪنهن ٻئي اڳواڻ سندس باري ۾ نامناسب لفظ استعمال نه ڪيا آهن، هي سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، سياستدانن کي هڪ ٻئي خلاف غير اخلاقي ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، شهيدن خلاف پي ٽي آءِ جي اڪائونٽس ۾ ٽرولنگ ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ سچائي ڏانهن نه پر ملڪ ۾ انتشار ڏانهن سفر ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو آهي ته پوءِ پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪيئن ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته اداري خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان ڪو دٻاءُ ايندو ته پوءِ اها سندس غلط فهمي آهي.هن چيو ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) مستقبل ۾ اڪثريت حاصل ڪري ٿي ته ايندڙ قيادت بنا شڪ جي مريم نواز شريف هوندي، ساڳئي طرح پيپلز پارٽي جي مستقبل جي قيادت بلاول ڀٽو هوندي.  سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو 8 فيبروري جو سڏ ناڪام ٿيندو، پي ٽي آءِ ڦيٿو جام نه ڪري سگهندي ۽ ان کي وڌيڪ نقصان ٿيندو، انهن ڦيٿو جام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايڪشن ٿيندو، پوءِ اهي ميارون ڏيندا، پي ٽي آءِ احتجاج جو سڏ واپس وٺي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.