ايران ۾ مهانگائي خلاف وڳوڙ،مظاهرا

تهران (م ڊ) ايران ۾ شروع ٿيل مظاهرا هاڻ تشدد واري صورت اختيار ڪري ويا، جڏهن ته ايراني سرڪاري ميڊيا موجب مظاهرين جي تشدد سبب سيڪيورٽي فورس جو هڪ اهلڪار مارجي ويو آهي، سرڪاري ٽيليويزن لورستان صوبي جي نائب گورنر سعيد پورعلي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي  ته شهر ڪوهداشت سان تعلق رکندڙ بسيج جو 21 ورهين جو اهلڪار وڳوڙين هٿان مارجي ويو، هي واقعو آچر ڏينهن گادي واري شهر تهران مان شروع ٿيل مظاهرن کانپوءِ پهريون سرڪاري طور تصديق ٿيل جاني نقصان قرار ڏنو پيو وڃي, بسيج هڪ رضاڪار پيرا ملٽري فورس آهي، جيڪا ايران جي پاسدارانِ انقلاب سان لاڳاپيل آهي, سعيد پورعلي موجب ڪوهداشت ۾ مظاهرن دوران پٿراءُ جي واقعن ۾ 13 پوليس اهلڪار ۽ بسيج جا ميمبر به زخمي ٿيا آهن، ايران ۾ جاري مظاهرن جي شروعات تهران ۾ دڪاندارن پاران مهانگائي ۽ معاشي جمود خلاف هڙتال سان ٿي، جيڪا بعد ۾ ملڪ جي ٻين شهرن تائين پکڙجي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.