گولاڙچي (رپورٽ: عيدن زندپور) گولاڙچي ڀرسان کنڀي گم ڪيل نائين ڪلاس جي شاگرد عليم مهيري جي بازيابي لاءِ ڳوٺاڻن طرفان احتجاجي ڌرڻو هنيوويو، شاگرد جي آزادي لاءِ وارثن ۽ ڳوٺاڻن بچل واٽر بس اسٽاپ وٽ ڪراچي–ٿرڪول مين شاهراهه ٻن ڪلاڪن تائين بند ڪئي وئي، ڌرڻي دوران ٽن ٿاڻن جي پوليس چڙهائي ڪري ڏني، هوائي فائرنگ ۽ مظاهرين مٿان لٺبازي ڪئي وئي، پوليس ڪارروائي بعد مظاهرين طرفان پٿراءُ پڻ ڪيو ويو، مسافر گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا، پوليس طرفان مظاهرين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو مظاھرو ڪندڙ موجب پرامن احتجاج باوجود پوليس فائرنگ ڪري ماڻهو کڻي وئي، موبائيل فون به ڦريا ويا، شاگرد جي پيءُ ابراهيم مهيري جو چوڻ آھي ته اسان سان وڏو ظلم ٿي رهيو آهي، احتجاج جو حق به نٿو ڏنو وڃي، ڊي ايس پي گولاڙچي عبدالرحيم خاصخيلي ٻڌايو ته مظاهرين پٿراءُ ڪيو، پوليس ڪا گرفتاري ناهي ڪئي، پوليس موجب واقعي بابت ڪيس داخل ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته شاگرد عليم مھيري جي آزادي لا۽ پرامن ڌرڻو ھڻڻ جي ڏوھ ۾ گولاڙچي پوليس طرفان پوليس جهڙپن، پٿراءُ۽ سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي الزم ھيٺ جسقم سينئروائيس چيئرمين اسماعيل ناز نوتڪاڻي، ضلعي بدين جي سيڪريٽري پرويز مير،ڪامريڊ وڪيو ميمڻ ،نويد سنڌي، عبدالقادر، عبدالرشيد، مرشد محمد، محمد علي، علي نواز، عبدالغفار، غلام مصطفا، سڪندر علي، الله ڏنو، بشير احمد، نذير احمد، رحيم بخش، محمد صديق، اسلم، زبير، فريد احمد، علي حسن سميت 22 سڃاتل ۽ 15/16/ نامعلوم مٿان گولاڙچي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.