اوٻاوڙو ڀرسان خوفناڪ حادثو، عورت ۽ سندس پٽ فوت

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان قومي شاهراهه تي الائنس شوگر مل ويجهو تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب هڪ نوجوان عورت  سندس ھڪ سالا معصوم پٽ سميت موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، فوتي عورت جو مڙس زخمي ٿي پيو، الائنس شوگر مل ڀرسان تيز رفتار ٽرالر ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ زور دار ٽڪر لڳڻ سبب موٽر سائيڪل تي سوار ڪشمور واسي 25 سالا نوجوان عورت الله وڌائي چاچڙ پنهنجي هڪ سالن جي معصوم پٽ محمد پناهه سميت موقعي تي ئي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس سڄڻ چاچڙ زخمي ٿي پيو معلوم ٿيو ته حادثي جو شڪار ٿيل خاندان ڪشمور کان گهوٽڪي پنهنجي مائٽن ڏانهن وڃي رهيا  هئا ته اوچتو تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب عورت ۽ معصوم ٻار ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، هوڏانهن پوليس ڪارروائي ڪندي ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.