ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)ننڍن واپارين سال 2025 کي ڪاروبار، سيڙپڪاري، بي روزگاري ۽ مهانگائي جي حوالي سان تاريخ جو بدترين سال قرار ڏنو آهي۔هنن جو چوڻ آهي ته 2025 دوران واپاري سرگرميون 60 سيڪڙو کان به گهٽ رهيون، سياسي عدم استحڪام معاشي بحران کي جنم ڏنو، مستقبل بابت مايوسي ۽ غير يقيني صورتحال سبب مقامي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد سخت متاثر رهيو ۽ نوان واپاري ۽ صنعتي يونٽ قائم نه ٿي سگهيا۔آل ڪراچي تاجر اتحاد جي سربراهه عتيق مير طرفان تيار ڪيل رپورٽ موجب، سال 2025 تالا بندي جو سال رهيو، بي شمار صنعتن ۽ ڪاروبارن جي بندش سبب بي روزگاري ۾ خوفناڪ اضافو ٿيو، جڏهن ته سرمائي جي ملڪ کان ٻاهر منتقلي جو رجحان به وڌي ويو۔ مسلسل وڌندڙ، ناقابلِ برداشت مهانگائي 2025 کي غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ هڪ ڀوائتو خواب بڻائي ڇڏيو۔ملڪ کي ديوالي کان بچائڻ جا دعويدار، صنعت ۽ واپار کي ديوالي ٿيڻ کان بچائي نه سگهيا۔ 2025 دوران سرڪاري شعبن جي ڪارڪردگي انتهائي خراب رهي ۽ عاقبت انديشي کان محروم، غفلت ۾ ٻڏل حڪمرانن پرڏيهي سيڙپڪاري جي نالي تي 35 غير ملڪي دورا ڪيا، پر هڪ پيسو به ملڪ ۾ نه آيو، بلڪه مقامي سرمايو به ٻاهر منتقل ٿيندو رهيو۔ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به سنجيده ڪوشش يا حڪمتِ عملي نظر نه آئي، ۽ 2026 ۾ به پري پري تائين مسئلن جي خاتمي ۽ بهتري جي ڪا اميد نظر نٿي اچي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪسن جي ڀرمار، بجلي، گئس، پيٽرول ۽ ڊالر جي ناقابلِ برداشت قيمتن ۽ مصنوعي مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب معيشت مسلسل زوال پذير رهي، جڏهن ته زندگيءَ جون ضروري شيون غريب ۽ وچولي طبقي جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويون۔ ڪنهن به سيل سيزن دوران مارڪيٽن ۾ روايتي رونق، گهما گهمي ۽ خريداري ڏسڻ ۾ نه آئي۔حڪمران مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ معاشي بحالي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ بدران مصنوعي ۽ گمراهه ڪندڙ انگن اکرن ذريعي عوام کي تسلي ڏيندا رهيا۔ اسٽاڪ مارڪيٽ بلند ترين سطح تي رهي، جڏهن ته واپار پست ترين درجي تي رهيو، عتيق مير چيو ته دال، گيهه، کير، گوشت، ڀاڄين ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ روزانو بنيادن تي واڌ ٿيندي رهي۔ ملڪ جو معاشي حب ڪراچي مڪمل طور مافيائن جو شهر بڻجي ويو، جتي واپاري ۽ صنعتڪار ڀتي خورن جي نشاني تي رهيا۔ چار ڪروڙ آبادي وارو شهر ناقابلِ برداشت مهانگائي، بي روزگاري، تجاوزات، زمينن تي ناجائز قبضا، ٽريفڪ جي بدنظمي، پاڻي جي بحران، بدامني، لاقانونيت ۽ اذيتناڪ بلدياتي عذاب جو شڪار رهيو۔