ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته قبيلائي جهيڙن کي هٿي ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪنداسين، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان سنڌ سرڪار ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جو شڪريو ادا ڪيان ٿو ته مون کي وري اهم عهدي تي مقرر ڪري ٻيهر ڏوهارين جي خاتمي ۽ عوام جي خدمت جو موقعو ڏنو ويو آهي، هن چيو ته قبيلائي جهيڙن کي هٿ ڏيندڙن ۽ ڏوهارين جي سهولتڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪنداسين، صوبائي گهرو وزير ۽ وفاقي سرڪار جي به مهرباني جو مون کي عهدو ٻيهر ڏنو ويو آهي، هن چيو ته صرف هتي منهنجي سروس ناهي پر مان هتان جو رهواسي به آهيان، جيڪي به هتي جا مسئلا آهن انهن بابت مون کي سڄي خبر آهي، مان سمجهان ٿو ته جيڪا منهنجي سموري ٽيم آهي ان کي جيئن اڳوڻي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ صاحب ٺاهيو ۽ جيئن انهن بهترين ڪم ڪيو ان کي اسان به جاري رکنداسين، جيڪي عنصر مٿي جو سور بڻجي ويا آهن انهن کي مڪمل ختم ڪنداسين، ڏوهارين ۽ سندن سهولتڪارن کي پوري طاقت سان منهن ڏينداسين، پنهنجي مفادن لاءِ جيڪي ماڻهن کي ويڙهائي رهيا آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿيندي، الله چاهيو ته جهيڙن جو خاتمو ڪنداسين، مڪمل خاتمو ممڪن ناهي پر جيڪڏهن اهڙو ڪو وڏو واقعو پيش اچي ٿو ان جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، ڏوهارين کي سختي سان منهن ڏينداسين.