ڪراچي (رپورٽ : جميل چانڊيو) سنڌ پوليس جو سربراھ غلام نبي ميمڻ جي رٽائرمينٽ کانپوءِ اهم انتظامي تبديلي سامهون آئي آهي. حڪومت طرفان ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو کي آءِ جي سنڌ جي چارج سونپي وئي آهي. اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جاويد عالم اوڍو آءِ جي سنڌ طور پنهنجي ذميواريون نڀائيندو ۽ ذريعن موجب جاويد عالم اوڍو جو نالو مستقل آءِ جي سنڌ جي لاءِ پڻ فائنل ٿيڻ جو قوي امڪان هو، ان کان اڳ کيس قائم مقام آءِ جي چارج ڏني وئي هئي پر رات جو سندس مستقل مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،پوليس حلقن جو چوڻ آهي ته جاويد عالم اوڍو تجربيڪار آفيسر آهي ۽ ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.سنڌ جي سول سوسائٽي صوبي ۾ وڌندڙ بدامني صورتحال تي اميد ڪئي آهي ته جاويد عالم اوڍو امن قائم ڪرائيندو.