صدر زرداري جي نجي دوري تي ٽنڊوالهيار آمد

ٽنڊوالهيار/ٽنڊو محمدخان (رپورٽ : حسرت لغاري+اويس حيدر شورو) پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري ٽن ڏينهن جي نجي دوري تي ٽنڊوالهيار پهچي ويو آهي،صدرِ مملڪت نجي دوري تي اچڻ دوران بختاور هائوس دريا خان مري ۾ قيام ڪندو، ذريعن موجب سندس ھي دورو نجي نوعيت جو ٻڌايو پيو وڃي ۽ سرڪاري مصروفيتون متوقع ناھن. سندسدوري ۽ رھائش کي سامھون رکندي آس پاس جي علائقن ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن،ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان جي سعيدپورٽڪر ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري پهچي پنهنجي ويجهي دوست اڳوڻي صوبائي وزير پ پ اڳواڻ مرحوم سيد قبول محمد شاھ جي وفات سلسلي ۾ سندس موڀي پٽ سيد ذيشان شاھ ، سيد ڪامل شاھ ، سيد شير يزدان شاھ سان سندن والد جي وفات تي عذرخواهي ڪئي ، جنهن ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري تعزيتي پيغام طور پنهنجي دوست مرحوم سيد قبول محمد شاھ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس دوست مرحوم سيد قبول محمد شاھ تمام بهادر سياسي اڳواڻ ۽ دوستن جو دوست هو ، سندس وفات سان علائقي جي سياست تي تمام گهڻو اثر ٿيندو ، جنهن جي خال کي ڀرڻ لاءِ سندس فرزندن کي اڳتي اچڻ لاءِ پنهنجي والد بزرگ جي نقش قدم تي هلي پنهنجي علائقي جي عوامي نمائندگي ڪرڻي پوندي ۽ سندس ساٿ هنن سان رهندو ، انهي موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ، صوبائي گهرو وزير ضيا النجار ، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، صوبائي وزير ناصر حسين شاھ ، صوبائي وزير علي حسن زرداري ، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ ، اڳوڻو صوبائي وزير ايم پي اي سهيل انور سيال ، ايم پي اي اعجاز حسين شاھ بخاري ، پ پ يوٿ جي اڳواڻ سيد سلال شاھ بخاري ، ميونسپل ڪميٽي جي چيئرمين سيد شاهنواز محسن شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا جڏهن ته صدر مملڪت آصف علي زرداري جي آمد تي ٽنڊو محمد خان جي سعيدپورٽڪر ، ملاڪاتيار ۽ ڀرپاسي جي روڊن کي صبح کان شام تائين رڪاوٽون پيدا ڪري آمد رفت بند ڪئي وئي ، انتهائي سخت حفاظتي اپاءُ ورتا ويا ، جنهن ۾ مقامي صحافين کي پڻ سعيدپورٽڪر جي ويجهو اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.