الوداع 2025، نئين سال جي پاڪستان سميت دنيا ۾ شاندار آجيان

آڪلينڊ/سڊني/ڪراچي (م ڊ) پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ماڻهن 2025 جي سج کي الوداع چيو ۽ اڄ 2026 جي آجيان ڪئي وئي آهي. پاڪستان ۾ نئون سال شروع ٿيڻ کان 9 ڪلاڪ اڳ دنيا ۾ نئين سال جو جشن شروع ٿي ويو. سڀ کان کان اڳ نئين سال جي شروعات پئسفڪ سمنڊ جي گهٽ آباد علائقن ۽ پوءِ نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ ٿي. آڪلينڊ ۾ 12هين وڳي آسمان تي روشنين ۽ آتشبازي سان نئين سال جي آجيان ڪئي وئي. شهرين وڏي انگ ۾ گڏجي جشن ملهايو. نيوزيلينڊ کان اڳ ٽونگا ۽ ڪيريباتي ۾ نئين سال جي شروعات پاڪستاني وقت موجب منجهند جو 3 وڳي ٿي وئي. ٻيٽ ڪيرٽيميسي نئين سال جي آجيان ڪندڙ پهريون آباد ٻيٽ آهي. آسٽريليا ۾ نئين سال جي شروعات سڊني ۾ آتشبازي سان پاڪستاني وقت موجب شام جو 6 وڳي ٿي پر ان کا اڳ ئي سڊني هاربر تي هڪ فيملي شو رٿيو ويو، جتي آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو.  آسٽريليا کان پوءِ جاپان، ڪوريا، انڊونيشيا ۾ نئين سال جي ترتيبوار شروعات ٿيندي وئي، ان کان پوءِ ڏکڻ آفريقي ملڪ روس، يورپي ملڪن ۽ آخر ۾ آمريڪا ۾ نئين سال جو جشن ملهايو ويندو. پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ سال جي پڄاڻي تي سج لٿي جو منظر ڏٺو ويو ۽ رات جو جشن ملهايو ويو. جاپان، اتر ڪوريا، فلپائن، چين، انڊونيشيا، ٿائي لينڊ، ميانمار، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا ۽ ڀارت کانپوءِ پاڪستان ۾ نئين سال جي شروعات ٿي. دبئي ۾ به برج خليفا تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. هوڏانهن ڪراچي ۾ به شاندار آتشبازي ڪئي وئي،هوائي فائرنگ به ڪئي وئي جنهن ۾ 12 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا،جڏهن ته پوليس هوائي فائرنگ ڪندڙ 18 کان وڌيڪ جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.