شهدادپور (ن ع آ) شهدادپور ڀرسان ڳوٺ شير خان لغاري ۾ دل ڏڪائيندڙ واقعو پيش آيو، جتي پٽ ننڊ ۾ ستل پنهنجي سڳي پيءُ کي ڏنڊن سان وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ شير خان لغاري جي رهواسي اڪبر علي لاکو ننڊ دوران پنهنجي پيءُ عبدالوارث لاکو کي مٿي ۾ ڏنڊن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، وارثن ۽ پاڙي وارن ٻڌايو آهي ته جوابدار اڪبر علي ڪافي وقت کان ذهني مريض هو، جنهن جو علاج هلندڙ هو ۽ ڪجهه وقت اڳ کيس علاج لاءِ گدو اسپتال ۾ پڻ داخل ڪيو ويو هو، جنهن جا ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پڻ موجود آهن۔واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس فوري طور پهچي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ سمس اسپتال شھدادپور منتقل ڪيو، جڏهن ته قاتل پٽ اڪبر علي لاکو کي پوليس گرفتار ڪري واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔علائقي ۾ واقعي بعد خوف ۽ ڏک جي لهر پکڙجي وئي، ٻئي پاسي گرفتار جوابدار جو جيل ۾ ڏنل وڊيو بيان وائرل ٿي ويو، جوابدار پنهنجي والد کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي چيو ته مون والد کي قتل ڪيو آهي، منهنجي شادي نه پيو ڪرائي، پاڻ عياشيون ڪندوهو، ڏنڊا هڻي کيس قتل ڪيو آهي.