سعودي عرب ۽ يو اي اي تڪرار ۾ پاڪستان ٽياڪڙ بڻجي سگهي ٿو؟

لاهور (سعيد چوڌري) سعودي عرب ۽ يو اي اي وچ ۾ تڪرار في الحال ٿڌو ٿي ويو آهي. ان ئي دوران پاڪستاني وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير يو اي اي جي دوري تي ويا. ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ اقتصادي ڀائيواري، واپار، آءِ ٽي، صنعت ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ جو ذڪر ڪيو ويو. ان سان گڏ يو اي اي ۾ رهندڙ 21 لک پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ويو. اهو به اهم اشارو آهي، ڇو ته يو اي اي پاڪستانين لاءِ ويزائون سخت ڪيون هيون، ۽ هاڻي امڪان آهي ته اهي نرم ٿين. رپورٽن موجب نار ملڪن ۾ لکين مزدورن جي ضرورت آهي، خاص طور سعودي عرب ۽ يو اي اي ۾، جتي طلب وڌي رهي آهي. ان مان پاڪستاني محنت ڪشن کي فائدو ملي سگهي ٿو. هاڻي عمان جي ڳالهه ڪجي ته اهو ملڪ به ظاهري طور غيرجانبدار هجڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، پر عملي طور ان جا ايران سان ويجها لاڳاپا آهن، ۽ ڀارت سان به سامونڊي سهڪار جا معاهدا آهن. عمان مان يمن ڏانهن اسمگلنگ جا رستا استعمال ٿين ٿا، زميني ۽ سامونڊي ٻنهي ذريعن سان. اتي موجود ڪجهه بلوچ، جيڪي ٻٽي شهريت رکن ٿا، انهن مان ڪي بي ايل اي سان لاڳاپيل به ٻڌايا وڃن ٿا. اهڙي ريت مالي سهائتا ۽ هٿيارن جي رسد جا نيٽ ورڪ ڪم ڪن ٿا، جن بابت پاڪستاني ادارا باخبر آهن، پر سفارتي سببن ڪري کليل ڳالهه نٿي ڪئي وڃي. ليبيا ۽ سوڊان ۾ به يو اي اي جو ڪردار تڪراري رهيو آهي، جتي هو باغي ڌرين جي مدد ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان، ترڪي، مصر ۽ سعودي عرب گڏيل طور انهن پاليسين جا مخالف آهن. سوڊان ۾ گڏيل قومن پاران تسليم ڪيل حڪومت کي هٿيار فراهم ڪرڻ وارن اهم ملڪن مان پاڪستان به شامل آهي، جيڪو يو اي اي لاءِ اڻ وڻندڙ آهي. انهن سڀني حالتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خطي ۾ طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي. پاڪستان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي، پر انساني وسيلا وڏي طاقت آهن. جيڪڏهن نار ملڪن ۾ روزگار جا در کلي وڃن ٿا ته پاڪستان لاءِ اهو وڏو فائدو هوندو. ساڳي وقت پاڪستان دفاعي شعبي ۾ به اڳتي وڌي رهيو آهي، آذربائيجان، ترڪي ۽ ٻين ملڪن سان معاهدا ٿي رهيا آهن، ۽ جديد جهازن ۽ ٽيڪنالاجي تي ڪم هلي رهيو آهي. انهن سڀني حالتن کي ڏسندي لڳي ٿو ته سعودي عرب ۽ يو اي اي جي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ۾ پاڪستان هڪ اهم ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.