اسلام آباد(امتياز گل)ناليواري تجزئي نگار علي مصطفيٰ چيو آهي ته ليبيا ۾ ويڙهاڪ گروپن مان هڪ جي خليفه حفتر اڳواڻي ڪري رهيو آهي،هو ويهه سال آمريڪا ۾ جلاوطن رهيو،۽ ورجينيا ۾ سي آءِ اي جي هيڊڪوارٽر ڀرسان رهندو هو،ليبيا جي انتهائي حساس علائقي ۾ مصر،ترڪيه،يونان ۽ اٽلي سڀني جا مفاد ٽڪرائين ٿا،جيڪڏهن ترڪي سڌي ليڪ ۾پنهنجي سامونڊي حد ليبيا تائين وڌائي، ته ان سان مصر اسرائيل جي مفادن تي به اثر پوي ٿو.هن چيو ته عرب اسپرنگ کان پوءِ متحده عرب امارات (UAE) هڪ نئين طاقت طور اڀريو. مصر ۾ حسني مبارڪ جي آمريت ختم ٿي ۽ مسلم برادرهوڊ جي حڪومت، محمد مرسي جي اڳواڻي ۾ آئي.اهو ترڪي لاءِ قابلِ قبول هو، پرسعودي عرب،گڏيل عرب امارات ان کي پنهنجي لاءِ وڏو خطرو سمجهيو.هن چيو ته 2013ع ۾ مصر ۾ فوجي بغاوت ٿي. عبدالفتاح السيسي اقتدار ۾ آيو هي ڳالهه دستاويزي طور ثابت آهي ته گڏيل عرب امارات هن بغاوت کي مالي ۽ فوجي مدد ڏني آمريڪا به هن عمل ۾ خاموش ساٿي هوان کان پوءِگڏيل عرب امارات هٿيار ۽ پئسا مصر ۽ پوءِ ليبيا ڏانهن منتقل ڪرڻ شروع ڪيا، هن چيو ته 2011.ع ۾خليفه حفتر آمريڪا مان واپس ليبيا آيو،يو اي اي سندس مليشيا ايل اين اي کي پئساهٿيار۽ لاجسٽڪ سپورٽ مهيا ڪرڻ لڳو، هن چيو ته تازو يو اي اي جو صدر مختصر دوري تي اسلام آباد آيوخبرون سامهون آيون ته پاڪستان، خليفه حفتر کي اربين ڊالرن جا هٿيار وڪرو ڪري رهيو آهي،ان ڊيل ۾ مڊل مين جو ڪردار يو اي اي ادا ڪري رهيو آهي،هن چيو ته هن وقت يو اي اي ۽ اسرائيل ويجهو ٿيا آهن،2017ع ۾ ابراهم اڪارڊ تي صحيح ٿي چڪي آهي،محمد بن زايد جي ليڪ ٿيل بيانن موجب جيڪڏهن مصر يا پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت آئي ته يو اي اي جهڙين رياستن لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿيندو ڇو؟مسلم برادرهوڊعوامي نمائندگي اسلامي جمهوري سياست اهي سڀ بادشاهتي ۽ اشرافي نظامن لاءِ خطرو آهن.هن چيو ته ترڪيه ۾ 2016ع ۾ ناڪام فوجي بغاوت جو الزام به گڏيل عرب امارات تي لڳي چڪو آهي،ان مان ظاهر ٿئي ته امارات هر هنڌ جمهوريت ۽ عوامي تحريڪن کي روڪڻ چاهي ٿو.سوڊان، ليبيا، صوماليا هڪ ئي ماڊل هلي رهيو آهي،ان ۾ امارات سڌو سنئون ملوث آهي،جيڪڏهن پاڪستان جيڪو اڳ افغان جنگ جو حصو رهيو. هاڻي ليبيا جهڙين پروڪسي جنگن ۾ شامل ٿيو ته پاڪستان جي جمهوريت،سياسي خودمختياري،قومي مفاد سخت خطري ۾ پئجي سگهن ٿا.