پاڪستان کي يمن ۾ تشدد وڌڻ تي ڳڻتي، سعودي عرب سان مڪمل ايڪتا جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران انهن علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس موجب، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران ٻطرفي لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد علائقائي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم امت کي درپيش موجوده چئلينجن ۾ امت جي صفن ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس موجب، وزيراعظم سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته علائقائي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ ضروري آهي. سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم جو ٽيليفون ڪال لاءِ شڪريو ادا ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سڀني شعبن ۾ پاڪستان سان سهڪار وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس موجب، محمد بن سلمان ايندڙ سال پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي خواهش جو اظهار پڻ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڊگهي عرصي کان قائم ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس موجب، ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تازن مهينن ۾ نئين بلندين تي پهچي چڪا آهن. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم کي ورجايو ويو. ملاقات دوران، وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود لاءِ پنهنجي احترام ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي پنهنجي مضبوط عزم کي ورجايو. ان سلسلي ۾، هن پاڪستان جي حمايت لاءِ ولي عهد محمد بن سلمان جو شڪريو ادا ڪيو، جنهن جي ڪري ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ويجهو آيا. ملاقات ۾ تازن علائقائي ۽ عالمي اڳڀراين تي به بحث ڪيو ويو. وزيراعظم ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي امن ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. سعودي سفير وزيراعظم کي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي طرفان مبارڪباد جو پيغام پهچايو. هن سعودي عرب جي بادشاهت جي پاڪستان سان گڏيل مفاد جي سڀني شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي خواهش کي ورجايو.

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان يمن ۾ تشدد وڌڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي يمن جي اتحاد ۽ علائقائي سلامتي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته يمن ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ سڀني ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. يمن جي ڪنهن به ڌر طرفان هڪ طرفن اپائن جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. هڪ طرفن اپائن سان صورتحال خراب ٿيندي، امن ڪوششن کي نقصان ۽ خطي جو امن خطري ۾ پئجي سگهي ٿو. پاڪستان يمن ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ ۽ امن برقرار رکڻ لاءِ علائقائي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو. پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪندي سلامتي سان وابستگي کي ورجايو.  پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب، سعودي عرب جي سڪيورٽي پاڪستان لاءِ اهم آهي، هر ممڪن سهڪار جاري رهندو، پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿو. يمن مسئلي جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي بنياد تي رستو اختيار ڪيو وڃي. اميد آهي ته يمن جو عوام ۽ علائقائي طاقتون گڏجي جامع ۽ جٽادار حل ڏانهن وڌنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.