ڀارتي پرڏيهي وزير جي ڍاڪا ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر سان ملاقات، هٿ به ملايو

ڍاڪا/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپن ۾ ڇڪتاڻ باوجود ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر قومي اسيمبلي اسپيڪر اياز صادق سان ملاقات ڪئي ۽ هٿ ملايو، ان کي سياسي ڌرين ۾ حيران ڪندڙ اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي. ملاقات ڍاڪا ۾ ٿي جتي ٻئي اڳواڻن بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالدا ضيا جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ موجود هئا. ذريعن موجب، جي شنڪر پاڻ هلي اسپيڪر وٽ آيو ۽ ٻنهي وچ ۾ خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ڄڻن کي هٿ ملائيندي ۽ رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏٺو ويو. اها تصوير پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي ملڪن جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ٻنهي جي هٿ ملائڻ واري عمل کي واهپيدار خوشگوار قرار ڏيندي آجيان ڪري رهيا آهن. پاڪستان قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته جنازي کان اڳ اسپيڪر اياز صادق تعزيتي ڪتاب ۾ تاثرات قلمبند ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ويو جتي ٻاهرين ملڪن مان آيل پرڏيهي وزير ۽ ٻيا اعليٰ وفدن جا نمائندا موجود هئا. ان موقعي تي ڀارتي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر پاڻ هلي اسپيڪر وٽ ويو ۽ هٿ ملائڻ دوران پنهنجو تعارف ڪرايو. پڌرائي موجب، ان موقعي تي ايس جي شنڪر اياز صادق کي چيو ته هو سندس شخصيت کان واقف آهي. پڌرائي موجب، اهو رابطو پاڪستان ۽ ڀارت ۾ مئي 2025 جي جنگ کانپوءِ ڀارتي سائيڊ طرفان پهريون نمايان اعليٰ سطحي رابطو هو. ڀارت سرڪاري سطح تي ان ملاقات بابت ڪي تفصيل جاري ناهن ڪيا.  بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس ايڪس اڪائونٽ تي سردار اياز صادق ۽ ايس جي شنڪر جي هٿ ملائڻ واري تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ٻنهي اڳواڻن ان موقعي تي خير سگالي جي جملن جي ڏي وٺ ڪئي. واهپيدارن لکيو ته هاڻي ڪو جواز ناهي ته راندين دوران هٿ نه ملايو وڃي. واهپيدارن ان کي خوشگوار تبديلي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اختلاف ڪيترا به هجن پر معمولي ادب نه ڇڏڻ گهرجي، اميد آهي ته ڀارتي ٽيم کي هاڻي ڪو مسئلو نه ٿيندو. ڪجهه واهپيدارن تنقيد ڪئي ته ڇا آپريشن سندور جاري آهي؟ ڀارتي واهپيدارن حيرت جو اظهار ڪيو ته ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ هٿ ملايو ويو اهو به ڍاڪا ۾؟ بنگلاديش جي دوري دوران اياز صادق خالدا ضيا جي رهائشگاهه جو به دورو ڪيو ۽ پٽ طارق رحمان ۽ ڌيءَ سان تعزيت ڪئي. هن بنگلاديش جي نيشنل سڪيورٽي ايڊوائزر خليل الرحمان ۽ لا اينڊ جسٽس جي ايڊوائزر آصف نزرول سان به ملاقات ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.