”بي سُري راڳ “تي فنڪار معشوق شر کي قانوني نوٽيس

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي رهواسڻ فنڪار معشوق شر کي ليگل نوٽيس اماڻيندي واضح ڪيو آهي ته جيڪڏهن هن هفتي اندر ڳائڻ نه ڇڏيو ته سندس خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو. مليل ڄاڻ موجب حيدرآباد واسڻ غزالا پنهنجي وڪيل عبدالله راڄپر معرفت ليگل نوٽيس جاري ڪرايو آهي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته معشوق شر کي ڳائڻ نٿو اچي کيس راڳ جي ڪابه ڄاڻ ناهي پر ان جي باوجود هو محفلن ۾ وڃي ڳائي موسيقي کي بدنام ڪري رهيو آهي. کيس فوري طور تي راڳ ڳائڻ بند ڪرڻ گهرجي هن جيڪڏهن 8 ڏينهن اندر راڳ ڳائڻ بند نه ڪيو ته سندس خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو. اهڙو نوٽيس معشوق شر ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.