ليبيا ۾ پراڪسي جنگ کان پاڪستان پاسو ڪري\عائشه صديقه

نيويارڪ(رضا رومي)ناليواري دفاعي تجزئي نگار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته ليبيا ۾ ته مختلف ڌڙا آهن، ۽ پاڪستان انهن مان اُن ڌڙي جي مدد ڪري رهيو آهي، جنهن گڏيل عرب امارات بيٺل آهي. جڏهن⁠ته ٻئي پاسي ترڪي ڪنهن ٻئي ڌڙي جي مدد ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان اهڙن علائقن ۾ پنهنجي ماڻهن کي ٽريننگ يا فوجي خدمتن لاءِ موڪليندو، جتي اڳ ۾ ئي گهڻا تڪرار هجن، ته پوءِ پاڪستان پاڻ به ٽارگيٽ بڻجي سگهي ٿو.اهڙي صورتحال اڳ به ڏٺي وئي آهي، مثال طورڪولمبو ۾جتي پاڪستان هڪ ڌر سان گهڻو ويجهو ٿيونتيجي ۾ ٻئي ڌر پاڪستاني مفادن کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيوجڏهن اوهان ٻرندڙ باهه ۾ هٿ وجهندا،ته ساڙجڻ جو خطرو پاڻ کي ئي ٿيندو.هن چيو ته فوجي سامان ۽ خدمتون وڪڻڻ سان ڪجهه پئسا ضرور ايندا،ڪجهه ادارن کي فائدو ٿيندوخاص طور تي فوجي خدمتن سان لاڳاپيل شعبي کي پر عام شهرين کي عام مزدورن کي ان مان ڪو خاص فائدو نه ملندو.سوشل ميڊيا تي ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هاڻي پاڪستاني ليبيا وڃي ڪم ڪري سگهندا”عائشه صديقه چيو ته اهو بلڪل غلط خيال آهي.ليبيا يا يو اي اِي جهڙن ملڪن ۾ غير ماهر مزدورن جي هاڻي گهڻي گنجائش ناهي هاڻي ماهر (Skilled) ورڪرز گهرجن ۽ بدقسمتي سان پاڪستان وڏي پيماني تي ماهر افرادي قوت پيدا نٿو ڪري عائشه هڪ اهم مثال ڏيندي چيو ته اسان پنهنجي صلاحيت پاڻ وڃائي ڇڏي آهي.مثال طور ايمريٽس ايئرلائن اصل ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (PIA) جي مدد سان بيٺي شروعاتي تعمير ۽ آپريشن ۾ پاڪستاني ماهر شامل هئاپر وقت سان گڏ پاڪستاني ورڪ فورس کي گهٽايو ويو ڇو ته اسان ماڻهن کي اسڪلڊ نه بڻايو اڄ عرب امارتن  ۾ ٽيڪسي ڊرائيور گهڻو ڪري پاڪستاني آهن هوٽلن ۾ صفائي، سامان کڻڻ جهڙا ڪم پاڪستاني ڪن ٿا جڏهن ⁠ته  هوٽل مئنيجمينٽ ۾  هندستاني ،فلپائني،بنگالي،ميانمار جا ماڻهو،اڳتي نڪري ويا آهن،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ذريعي چين تائين وڃڻ جي ليبيا کي ضرورت ئي ناهي.چين سڌي سياسي مداخلت نٿو ڪري هو صرف  مارڪيٽ ٺاهڻ،واپار وڌائڻ چاهي ٿو،چين جي سياسي حڪمت عملي اها آهي ته اسان هٿيار وڪرو ڪنداسين،پر علائقائي تڪرارن ۾ سڌي طرح نه لهنداسين”هن چيو ته پاڪستان   ليبيا ڊيل علائقائي تڪرارن ۾ پاڪستان کي ڦاسائي سگهي ٿي،حقيقي معاشي فائدو رڳو فوجي شعبي کي ٿيندو،عام پاڪستاني  نه نوڪريون حاصل ڪندو نه معاشي تحفظ اهڙيون پاليسيون پاڪستان کي ٻيهر پروڪسي جنگين ڏانهن وٺي وڃن ٿيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.