سال 2025 پڻ گذري ويو ـ نئين اميدن ۽ پراڻين خواھشن سان گڏ ھر شعبي سان وابستا ماڻھو سخت بيچيني ۾ گذاريو ـ ھر طرف وڌي ويل مھانگائي ۽ آمدني جي محدود وسيلن سبب سڀڪو پريشان نظر آيو ـ سال 2025ع پڻ سنڌ لاءِ ڏاڍو ڏکيو گذريو ـ سنڌ اندر ڏوھن ۾ واڌ آئي ۽ ڪيترائي افسوس ناڪ واقعا پڻ ٿيا ـ
امن ۽ شانتي جي ھن ڌرتي بابت غيرسرڪاري ادارن کان گڏ ڪيل معلومات موجب سال 2025ع دوران 6087 ماڻھو قتل 569 ڄڻا اغوا ٿيا ـ مختلف واقعن ۾ 5670 ڄڻا زخمي ٿي پيا ـ ان کان سواءِ ان سال دھشت گردي جي واقعن ۾ 221 ڄڻا ماريا ويا ـ پوليس ھٿان 33 ڄڻا قتل ٿيا ـ سمورو سال 239 عورتون ويم دوران مري ويون ـ قبائيلي جھيڙن ۾ 878 ڄڻا قتل ٿي ويا ـ باھ جي مختلف واقعن ۾ 109 ڄڻا موت جو شڪار ٿيا ـ پوليس پنھنجي ڪارڪردگي بھتر ڪرڻ لاءِ 453 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪيئي ـ جڏھن ته چوري ٿيل 4 ھزار کان مٿي گاڏيون ھٿ ڪيون ويون ـ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين ٽن منشيات ھٿيڪي ڪئي وئي ـ جڏھن ته ڏوھارين سان مقابلي ۾ 22 ڄڻا پوليس وارا پڻ شھيد ٿيا ـ 2 ھزار کان وڌيڪ معمولي ڏوھن آوارا گردي لفر بازي ڪرڻ ۽ شراب پي جھيڙا ڪندڙ گرفتار ڪيا ويا ـ 250 جنسي بدفعلي جا واقعا ٿيا ـ 346 ماڻهن آپگھات ڪيو ـ جنھن مان اڪٽر بک بدحالي ۽ وڌندڙ مھانگائي کان تنگ ٿي مئا ـ ان ۾ پاڻي ۾ ٽپو ڏئي زھريلي دوا پي ۽ بندوق سان فائر ڪري مرندڙ پڻ شامل آھن ـ جڏھن ته روڊ حادثن ۾ 3 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا ۽ 6 ھزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا ـ سرڪاري اسپتالن ۾ مختلف مرضن جا داخل ڪرايل 11ھزار مريض مري ويا ـ جنھن مان سرڪاري اسپتالن ۾ ملندڙ غريب مريضن کي طبي سھولتون ملڻ جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ۔
گذريل سال به جتي ملڪ اندر مھانگائي جو تناسب وڌيو اتي سنڌ ۾ پڻ مھانگائي چوٽ چڙھندي نظر آئي ـ جيڪا 250 سيڪڙو وڌي ـ خاص ڪري انگريزي يا ديسي دوائن جا اگهه ھن سال پڻ ڪافي وڌيا ـ ھڪ مٿي سور يا پيٽ سور جي گوري جيڪا 2024 ۾ 8 روپين جي ھئي ۔ اھا 15 روپين جي ٿي وئي تيل جا اگهه گھٽ ٿيڻ بجاءُ وري وري وڌندا رھيا ـ جنھن جو سڌو اثر غريب پورھيت ھيٺين ۽ مڊل ڪلاس طبقن تي سڌي ريت پيو ـ ان ۾ عام استعمال جي شيئن ۽ زندگي بچائيندڙ دوائون ڪافي مھانگي ٿي ويون ـ ڊاڪٽرن پڻ پنھنجي فين ۾ واڌ آندي گوشت ڪڪڙ ۽ سائين ڀاڄين جا اگهه آسمان سان ڳالھيون ڪندي نظر آيا ـ بيروزگاري ۾ اڳ کان وڌيڪ واڌ آئي ـ پڙھيل لکيل ۽ وڏين ڊگريون رکندڙ نوجوان ننڍا ننڍا معمولي قسم جا ڪم ۽ ڌنڌا ڪندي نظر آيا ـ بيروزگاري بک ۽ بدحالي سبب سنڌ جا 85 لک کان وڌيڪ معصوم ٻار تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ رھجي ويا آھن ڇاڪاڻ ته کين والدين يا مائٽن وٽ اسڪول ۾ داخل يئي نه ڪرايو ـ جڏھن ته سرڪاري اسڪولن جي نسبت خانگي اسڪولن ۾ سٺي ۽ معياري پڙھائي جي ڪري مائٽن پنھنجن ٻارن جي داخل ڪرائڻ کي اھميت ڏني ـ اھڙي صورت حال سبب وڏي انگ ۾ ٻارن جو مستقبل اوندھ حوالي ٿي ويو ـ ھڪ وڏو انگ ۾ معصوم ٻار ھوٽلن دوڪانن گيراجن ريڙھين ۽ ٻين جاين تي روزگار ڪندي پنھنجي والدين جو ھٿ ونڊرايندي نظر آيا ـ سنڌ مان 189ڄڻا جبري گمشدگيون ٿيون جن مان رڳو 78 ڄڻا واپس ٿيا ۽ باقين جو اڃان تايئن ڪو پتو ناھي پئجي سگھيو ـ
سال 2025 ع گذري ويو آھي ـ اسان سڀني کي نئين سال ۽ اڳتي جي بھتر وقت لاءِ پنھنجيون سموريون توانايون ۽ وسيلا ڪتب آڻن جي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ کپن ته جيئن روشن ۽ امن ڀريو سنڌ جو سپنو پورو تي سگھي ـ