اسلام آباد (بيورو) پاڪستان روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي رهائشگاهه تي ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته اهڙي وقت، جڏهن امن لاءِڪوششون جاري آهن، اهڙا قدم امن، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي تشدد ۽ انهن سڀني عملن جي مخالفت ڪري ٿو جيڪي علائقائي يا عالمي امن کي نقصان پهچائن. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان هن موقعي تي روسي صدر ۽ روسي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪري ٿو. ٻئي پاسي روس جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين ڊرون حملي ذريعي روس جي اتر اولهه علائقي نووگورود ۾ صدر پيوٽن جي سرڪاري رهائشگاهه کي نشانو بڻايو. جڏهن ته يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته روس امن ڳالهين کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.