قمبر (رپورٽ: محمود شيخ) قمبر ۾ گهريلو تڪرار دوران 30 ورهين وحيده، زال نثار احمد چنو، کي سندس ڏير رب ڏنو چنو نصيرآباد ناڪي وٽ رستي ويندي پستول سان فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو. زخمي کي پهرين قمبر سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سهولتن جي کوٽ سبب ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو، جتي وحيده زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏنو. مقتولا جو لاش بعد ۾ سٽي ٿاڻي پوليس ڏانهن منتقل ڪيو ويو. پوليس ذريعن موجب، واقعو گهريلو تڪرار دوران پيش آيو ۽ فائرنگ ڪندڙ جوبدار فرار ٿي ويو. تاحال واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي ۽ گرفتارين جو عمل به شروع نه ٿي سگهيو آهي. پوليس جا اهلڪار جاچ جاري رکيا آهن ۽ فرار ٿيل شخص جي تلاش ۾ آهن.