ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ سهيڙ ۾ ڀنڊ برادري جي ٻن ڌرين وچ سڱاوتي معاملي تي ٿيندڙ جهيڙي دوران فائرنگ ۾ ڇهه ماڻهو زخمي ٿي ويا، جن ۾ ٻن عورتن مسمات بينظير ڀنڊ ۽ شريفا خاتون به شامل آهن. زخمن جي شدت سبب مسمات بينظير ڀنڊ فوت ٿي وئي. زخمين کي فوري طور تي ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جهيڙي بابت گلزار ڀنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ مسمات خورشيد سان نڪاح ڪيو . هنن چيو ته رات جي وقت جوابدارن هٿياربندن سان گڏ فدا حسين ڀنڊ جي گهر تي حملو ڪيو ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن سبب مسمات بينظير ڀنڊ مارجي وئي. گلزار ڀنڊ اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.