ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پهرين جنوري تي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ان ڏينهن سموريون بينڪون ۽ مالياتي ادارا عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهندا. اسٽيٽ بينڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءُ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پهرين جنوري 2026 (خميس) تي بينڪ جي موڪل سبب عوام سان ڪنهن به قسم جي ڏي وٺ ممڪن نه هوندي. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ان ڏينهن سموريون بينڪون، ترقياتي ۽ مالياتي ادارا عوامي ڏي وٺ لاءِ بند رهندا پر انهن ادارن جا ملازم معمول موجب آفيسن ۾ حاضر ٿيندا.
-
ملڪ ۾ سون جو في تولو 10 هزار 700 رپيا سستو
ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ 10 هزار 700 رپيا گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کان پوءِ في تولو سون جي قيمت 4 لک 59 هزار 462 رپيا ٿي وئي آهي. 10 گرام سون به 9 هزار 174 رپيا سستو ٿي 3 لک 93 هزار 914 رپيا ٿي ويو آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 107 ڊالر جي گهٽتائي کانپوءِ 4 هزار 371 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.
-
ايف بي آر خلاف واپارين جو ملڪ گير هڙتال جو چتاءُ
اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ آل پاڪستان انجمن تاجران ۽ ٽريڊرز ايڪشن ڪميٽي حڪومت خلاف احتجاج جو چتاءُ ڏنو آهي. پوائنٽ آف سيل ڊيوائس کي ڪارو قانون قرار ڏيندي 16 جنوري کان سڄي ملڪ ۾ شٽر ڊائون ۽ ڊي چوڪ تي مظاهري جي ڌمڪي ڏني. ريلي ۾ صدر اجمل بلوچ چيو ته جيڪڏهن قانون واپس نه ورتو ويو ته اسلام آباد جي شراهه ڪشمير ۽ ٻين هنڌن کي بند ڪيو ويندو. واپاري تنظيم مطالبو ڪيو ته ڪرپشن خلاف سخت قانون منظور ڪيو وڃي ۽ ايم ايف جي رپورٽ مطابق ملڪ ۾ سالياني 32 هزار ارب رپين جي ڪرپشن ۾ ايف بي آر جو حصو سڀ کان وڏو آهي.