اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد آصف خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محمد آصف خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ شڪايت داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته درخواست ۾ جج خلاف انڪوائري ڪري عهدي تان برطرف ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. شڪايت ڪرنل(ر) انعام الرحيم ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس محمد آصف جي پٽ جي گاڏي سان حادثي ۾ 2 عورتون فوت ٿيون. درخواست جي متن موجب، جسٽس آصف جو 16 سالن جو پٽ ابوذر نان ڪسٽم پيڊ گاڏي هلائي رهيو هو، جسٽس آصف پنهنجي اثررسوخ ۽ رياستي مشينري استعمال ڪندي وارثن تي دٻاءُ وڌو، فوتي عورتن جي وارثن جا ڳجهي انداز ۾ بيان رڪارڊ ڪري جوابدار کي ضمانت ڏني وئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جج کي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار جو مالڪ هجڻ گهرجي، پر جسٽس آصف متاثرن جي گهرن ۾ همدردي جي بجاءِ سرڪاري آفيسرن جي دٻاءُ تي انحصار ڪيو ۽ ضابطي جي خلاف ورزي ڪئي، ان ڪري جسٽس محمد آصف خلاف انڪوائري ڪري عهدي تان برطرف ڪيو وڃي