پشاور(عوامي آواز رپورٽ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان چيو آهي ته نجڪاري سڀني مسئلن جو حل آهي، حڪومت کي حڪمراني ڪرڻ گهرجي، ڪاروبار نه۔پشاور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ايمل ولي خان چيو ته غلام بلور عوامي نيشنل پارٽي ۾ هو، آهي ۽ رهندو، هن چيو ته عوامي نيشنل پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، پر پارٽي ختم نه ٿي سگهي۔نجڪاري جي حمايت ڪندي هن چيو ته نجڪاري سڀني مسئلن جو حل آهي، حڪومت کي ڪاروبار ڪرڻ بدران حڪمراني تي ڌيان ڏيڻ گهرجي۔ هن چيو ته پاڪستان اسٽيل ملز، ريلوي ۽ قومي هوائي ڪمپني (پي آءِ اي) تباهيءَ جو شڪار آهن ۽ نجڪاري سان ملڪ کي وڌيڪ ٽيڪس ملندو۔هن حوالي سان هن چيو ته عارف حبيب ڪنسورشيم 135 ارب روپين ۾ پي آءِ اي خريد ڪري ورتي آهي،هتي نجڪاري نه پئي ٿئي،نجڪاري جي نالي تي ملٽرائزيشن ٿي رهي آهي،پي آءِ اي لاءِ 10 ارب رپين جو ڊرامو رچائي فوجي فرٽيلائزر کڻي وڃي رهيو آهي،هي نجڪاري نه فوج ڪاري آهي،اها اسان کي بلڪل قابل قبول ناهي،رياست ان نجڪاري جو نئين سر جائزو وٺي، ايمل ولي خان وڌيڪ چيو ته نجڪاري شفاف هجڻ گهرجي، غير شفاف نجڪاري قبول ناهي۔ هن چيو ته فوج ته اڳ ۾ 140 ڪاروبارن جو ٽيڪس نٿي ڏئي،پي آءِ اي کان به ٽيڪس نه ورتو ويندو،باچا خان چيو هو ته هي ملڪ اداري لاءِ ٺهيو آهي ۽ ادارو هن ملڪ لاءِ آهي،فوج کي ڪاروبار جو حق ناهي،فوج کي روڊ ، سيمينٽ، ڪمپليڪس، رهائشي ڪالونيون ٺاهڻ جو حق ناهي،هن چيو ته 70 سالن ۾ اداري ڪجهه نه ڪيو،رڳو هڪ ڏينهن ڪم ڪيو هاڻي ايندڙ 140 سالن تائين اسان رڳو ان هڪ ڏينهن واري ڪم جا گڻ ٻڌندا رهنداسين۔سندس چوڻ هو ته سرڪاري ادارا جنهن ڪم لاءِ قائم ڪيا ويا آهن، انهن کي اهو ئي ڪم ڪرڻ گهرجي۔ هن مطالبو ڪيو ته رياست پاڪستان ٻيهر جائزو وٺي نجڪاري جو عمل مڪمل طور شفاف بڻائي۔ايمل ولي خان وڌيڪ چيو ته افغانين کي هتي آڻڻ نه گهرجي ها، ۽ جيڪڏهن آندا به ويا ته کين واپس موڪلڻ نه گهرجي ها۔