فيض حميد پاران فيلڊ مارشل کي رحم جي اپيل؟

اسلام آباد( مزمل سروردي)فوجي عدالت مان سزا مليل آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل(ر)فيض حميد فيلڊ مارشل، سي ڊي ايف، سيد عاصم منير جي سامهون رحم جي اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي،اڳ چيو پئي ويو ته شايد فيض حميد فيلڊ مارشل کي رحم جي اپيل نه ڪندو۽ سڌو هاءِ ڪورٽن يا سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي سزا چيلينج ڪندوپر ڇاڪاڻ⁠ته ملٽري قانون موجب سڀ کان پهرين رحم جي اپيل فيلڊ مارشل کي ڪرڻ لازمي آهي ان ڪري جيڪي سياسي صلاحون هنن کي ڏنيون پئي ويون ته پنهنجو ڪيس هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ کڻو” انهن سڀني صلاحن کي فيض حميد رد ڪري ڇڏيو ۽ هن قانون مطابق فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي رحم جي اپيل داخل ڪئي آهي.جيڪڏهن ماضي ڏانهن ڏسون ته فيلڊ ڪورٽ مارشل جي سزائن ۾گهڻو ڪري رحم جي اپيل تي سزا گهٽ ڪئي ويندي آهي پر ذريعن موجب فيض حميد جي 14سال قيد جي سزا برقرار رهندي رحم جي اپيل تي فوري طور تي فيصلو نه ٿيندو، رحم جي اپيل به ڏيڍ کان ٻه سال هلي سگهي ٿي،ان دوران فيض حميد خلاف نو مئي جا ڪيس سياسي مداخلت جا ڪيس،رٽائرمينٽ کان پوءِ فوجي معاملن ۾ مداخلت جا ڪيس،انهن سڀني ۾ٻه ٽي وڌيڪ سزائون به ٿي سگهن ٿيون.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 29 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.