مريم نواز ۽ سهيل آفريدي وچ ۾ تربيت جو فرق؟

نيويارڪ/لاهور(شهباز گل+ايثا رانا)لاهور ۾ ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي سان اينڪرن ۽ صحافين منصور علي خان،چوڌري غلام حسين،حبيب اڪرم اجمل جامي،ثمينه پاشا۽ ٻين صحافين ملاقات ڪئي، سمينه پاشا پڻ موجود هيون ڳالهه ٻولهه کلي ۽ شفاف هئي. ٽڪرائڻ جي بجاءِ مفاهمت ۽ معاملن کي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويوپاڙيسري ملڪن سان رابطا ۽ گفتگو برابر جي سطح تي ٿيڻ گهرجي چيو ويو ته عمران خان جي ڪم مان عوام کي شعور حاصل ٿيو آهي،سهيل آفريدي ڪي پي ۾ ن ليگ کي سياسي جلسن ۽ سياسي سرگرمين ۾ رڪاوٽ نه وجهڻ جو عزم ورجايو ان مان مريم نواز ۽ سهيل آفريدي جي تربيت جو اندازو لڳي ٿو ٻئي پاسي سهيل آفريدي جي لاهور دوري جي ٽئين ۽ آخري ڏينهن تي چار کان ڇهه وڏن ميڊيا چينلز جيبيورو چيفز کي  فون ڪيا ويا پر ميڊيا ادارن جي انتظاميا  ”ٽن ادارن“ جي آفيسرن  کان اجازت طلب ڪئي ته سوال جواب لاءِ صحافين کي اجازت ڏني وڃي يڊيا تي شديد دٻاءُ هو ته سهيل آفريدي سان ملاقات جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي،مريم نواز جي حوالي سان سوال پڇيو ويو ته جيڪڏهن مريم نواز ڪڏهن KP ويندي ته ساڳيو سلوڪ نه ٿيندو؟سهيل آفريدي جواب ڏنو ته بالڪل اسان جي تربيت اهڙي ناهي، انهن جو مڪمل احترام ڪيو ويندو ۽ هر ممڪن سهولت ڏني ويندي”جڏهن ته لاهور ڪينٽ ۾ سهيل آفريدي کي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  سومر 29 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.