لاهور(منصورعلي خان) ڪي پي جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته مان جڏهن به عمران خان سان ملندو آهيان ته سڀ ڪجهه وساري ويهندو آهيان، سندس شخصيت اهڙي آهي۔ البت، صوبي جا مسئلا ضرور فيلڊ مارشل آڏو رکندس۔ سياسي مسئلا سياستدان پاڻ حل ڪندا،هن چيو ته اسان جرڳو ڪيو، جنهن ۾ سڀ سياسي ۽ مذهبي جماعتون شامل هيون۔ سڀني متفق ٿي چيو ته فوجي آپريشن مسئلن جو حل ناهي، هڪ ڊرون حملي ۾ ڪيترائي بيگناهه مارجي وڃن ٿا، پوءِ معافي به نٿي گهري وڃي، جنهن سان نفرت وڌي ٿي،سهيل آفريدي چيوته وفاقي حڪومت متاثر ماڻهن کي پئسا ڏيڻا هئا، پر نه ڏنا۔ اسان صوبائي بجيٽ مان ساڍا ست ارب رپيا ڏئي چڪا آهيون۔ڊرگز، اسمگلنگ ۽ نان ڪسٽم گاڏين بابت سوال تي هن چيو ته منشيات ۽ اسمگلنگ سرحدن تان ٿيندي آهي، سرحدون صوبي جي ڪنٽرول ۾ ناهن۔ جيڪڏهن بارڊر ٽائيٽ ڪيا وڃن ته ڪجهه به اندر نٿو اچي سگهي،درآمدي سگريٽ هر دڪان تي ملن ٿا، اهي سهيل آفريدي نٿو آڻي،سهيل آفريدي واضح ڪيو ته ٽي ٽي پي سو سيڪڙو دهشتگرد تنظيم آهي۔ جيڪو پاڪستان جي آئين، جهنڊي ۽ قومي تراني کي نٿو مڃي، ان سان ڳالهه نٿي ٿي سگهي،هن چيو ته منهنجي مريم نواز سان اڃا ملاقات ناهي ٿي۔ البت مان کين پشاور دعوت ڏيندس، جلسو ڪرڻ چاهي ته مڪمل سهولتون ڏينداسين، پر پوءِ اسان کي به پنجاب ۾ جلسي جي اجازت هئڻ گهرجي،عليمه خان جو پي ٽي آءِ ۾ پاليسي ٺاهڻ وارو ڪردار ناهي۔ پاليسي عمران خان ٺاهي ٿو۔ آخري پيغام مطابق، ڳالهين جي ذميواري محمود خان اچڪزئي ۽ راجا ناصر عباس وٽ آهي،جيئن مريم نواز چيو هو ته جڏهن مزاحمت ٿيندي ته مفاهمت ٿيندي،اسان جو به اهو ئي موقف آهي.