پي ٽي آءِ اسرائيل ۽ ڀارت جي پراڪسي آهي:راڻا تنوير

لاهور(بيورو)وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) ڪا سياسي جماعت نه پر اسرائيل ۽ ڀارت جي پراڪسي آهي۔شيخوپورہ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي حڪمتِ عملي پاڪستان کي دنيا ۾ اهم بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته حڪومت معيشت کي سنڀالي ورتو آهي ۽ سڀ معاشي اشاريه هاڻي مثبت رخ ۾ آهن۔رانا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هلندڙ سال آءِ ايم ايف کان جان نه ڇٽي سگهي ته پوءِ پاڪستان کي وڌيڪ سخت شرطن سان ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پوندو۔وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن ۾ سياسي جماعت طور رجسٽرڊ ئي ناهي، ۽ هن پارٽي جو نظريو فاشسٽ آهي، جيڪو جمهوري روايتن لاءِ زهرِ قاتل بڻيل آهي۔ هن چيو ته سهيل آفريدي لاهور جي گهٽين ۾ گهمي پنجاب جي ترقي مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي۔رانا تنوير حسين وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا جيڪڏهن افغان طالبان ڀارتي پراڪسي نه بڻجن ته ساڻن ڳالهين لاءِ تيار آهيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.