لاهور (اطهر ڪاظمي) مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ۾ الطاف حسين لاءِ گٿا لفظ چيا ۽ مٿس عمران فاروق جي قتل جو الزام هنيو. خيال رهي ته هي اهو ئي الطاف حسين آهي جنهن کي مصطفيٰ ڪمال پنهنجو پير مرشد مڃيندو هو. چوندو هو ته مان ته عام ماڻهو هيس، الطاف حسين مون کي ڪراچي جو ميئر بڻائي، ناظم بڻائي وڏو ماڻهو بڻائي ڇڏيو. عمران فاروق جو قتل ته 2010 ۾ ٿيو هو جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال پي ايس پي پارٽي ته 2016 ۾ ٺاهي هئي ۽ پوءِ الزام شروع ڪيا. ان کان اڳ کيس خبر نه هئي ته ڇا ٿي رهيو هو؟ الطاف حسين قاتل هو، را کان پيسا وٺندو هو ته ڇا توهان کي خبر نه هئي؟ ان وقت ٻڌايو ها.