سکر(رپورٽر) اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق جي سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته نوازليگ جو وفد شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي حوالي سان دعا لاءِ آيا آهيون پيپلزپارٽي جي مدد سان اسپيڪر ٿيو آهيان، صدر زرداري سان ذاتي رستو آهي،هن چيو ته اسان جو مقصد جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ آهي، پي پي جون جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون آهن عدالتي حڪم تحت ۽ جيل مينوئل تحت عمران خان کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن عمران خان کي جيڪي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، اهي ڪنهن کي به حاصل ناهن 28هين ترميم بابت اسان کي خبر ناهي هن چيو ته وزيراعظم چيو ته پي ٽي آءِ سان اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،پ پ ۽ ن ليگ ڊگهي اننگ کيڏڻ جو ارادو رکن ٿيون،راڻا ثناءُ اللہ چيو ته پي ٽي آءِ باني جو رويو خراب ئي رهيو آهي، هو سياسي مذاڪرات تي يقين نٿو رکي ڪنهن کي اها اجازت نه هوندي ته اهو جيل ۾ ويهي انتشار ڦهلائي