حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ انتظاميا جي لاپرواهي سبب کليل گٽرن کي ڍڪڻ نه اچي سگهيا، حيدرآباد ۾ کليل گٽر ۾ ڪري وڌيڪ هڪ معصوم گلن جهڙي ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد شهر جي ملڪ پيٽرول پمپ ويجھو باءِ پاس ٽائون ۾ 5 ورھين جي معصوم ٻارڙي مريم ڌي محبت بروھي گھر جي ٻاھران کليل گٽر ۾ ڪري پئي، جنهن کي علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت نالي مان ڪڍي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، معصوم ٻارڙي جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. ياد رهي ته حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ گٽر نالن جا منهن کليل آهن، جن کي بند ڪرائڻ لاءِ لاڳاپيل انتظاميا ڪي به قدم نه کنيا آهن، جنهن ڪري گٽرن ۾ ڪري معصوم ٻارڙن جو موت ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي، مليل انگن اکرن موجب سال 2025 دوران حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ 12 ٻارڙا ڪري فوت ٿي چڪا آھن، ايترين جانين کي ضايع ٿيڻ جي باوجود انتظاميا کليل گٽرن کي بند ناهي ڪرايو، جنهن ڪري وڌيڪ معصوم ٻارڙن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن.