18هين ورسي تي شهيد بينظير ڀٽو کي لڙڪن،سُڏڪن سان ڀيٽا

لاڙڪاڻو : شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان پاڪستان پيپلز پارٽي جي هزارين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ عقيدتمندن ڳڙهي خدا  بخش پهچي شهيدن جي مزار تي حاضري ڀري، ڪارڪنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ ٻين شھيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي ۽ شھيدن جي بلند درجات لاءِ دعائون گهريون۔ ان موقعي تي “جيئي ڀٽو” ۽ “بينظير ڀٽو زنده آباد” جا نعرا پڻ لڳايا ويا، جنهن سبب سڄو ماحول سوڳوار هجڻ سان گڏ جذباتي بڻيل نظر آيو۔ ورسي جي موقعي تي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس، رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جڏهن ته داخلا پوائنٽن تي سخت چيڪنگ جو عمل جاري رهيو، انتظاميا طرفان ڪارڪنن لاءِ ميڊيڪل ڪيمپون، پيئڻ جي پاڻي ۽ ٻين سهولتن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو،پارٽي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، عوامي حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي، جنهن جي جدوجهد کي هميشه ياد رکيو ويندو۔ ورسي جي حوالي سان مختلف تقريبن، قرآن خواني ۽ جلسن جو سلسلو پڻ جاري آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.