بحران مان نڪرڻ لاءِ 73 ع جو آئين بحال ڪريو:صفدر عباسي

لاڙڪاڻو(بيورو) جي ڊي اي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر ناهيد  خان عباسي لاڙڪاڻو کان قافلي جي صورت ۾ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتا، جتي هنن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ فاتحه خواني ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ ملڪ جي سياست ۾ قيادت جو وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان سياسي، سماجي ۽ آئيني بحرانن جو شڪار آهي ۽ ملڪ کي هن صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ 1973ع جي آئين جي اصل روح ڏانهن واپسي لازمي آهي. ناھيد خان عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ آئين ڪمزور ٿي چڪو آهي، ادارا پاڻ ۾ ٽڪراءَ جو شڪار آهن ۽ عوام سخت محرومين ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته غربت، بي روزگاري ۽ تعليم جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.