ڪالهه اسان شهيد بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي سندس سياسي ۽ جمهوري جدوجهد تي ڀيٽا پيش ڪئي هئي، اڄ ان ساڳي قدر ۽ جذبي سان پاڻ ليجنڊ سنڌي اديب ۽ شاعر شيخ اياز جي ادبي خدمتن کي سندس اڄوڪي ورسي جي موقعي تي خراج پيش ڪنداسين.
سنڌي ادب جي سڃاڻپ جا جيڪڏهن ٽي وڏا مينار قرار ڏنا ويندا ته يقينن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، ۽ سچل سرمست کان پوءِ جديد سنڌي ادب ۾ ڪنهن جو نالو کڻبو ته اهو شيخ اياز ئي هوندو جيڪو 19 هين صدي جي سنڌي ادب جو سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو ويو. سنڌي ادب جي تاريخ شيخ اياز بنا ڪنهن ريت به مڪمل نٿي ٿي سگهي. جيستائين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جو وجود هوندو تيستائين شيخ اياز جو نالو به زنده رهندو.
شيخ اياز جي ادبي معيار تي ڳالهائجي ته چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ادبي تاريخ کيس عالمي ادب جي معيار ۾ نالو ڳڻائي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز انهن تمام ٿورن اديبن مان هڪ هو جن جو عالمي ادب جو تمام وسيع مطالعو ٿيل هو تنهن ڪري ئي سندس تخليقن جو معيار به اهڙو ئي عالمي نوعيت جو هو ۽ ڏسجي ته هن جو مقابلو به عالمي سطح جي چوٽي جي اديبن سان ئي هو. ان کي بس اهو ئي ارمان هوندو هو ته جنهن معيار جو هي اديب هو تنهن جو ملڪ اندر ايترو قدر نه ڪيو ويو. سندس اها ميار ممڪن آهي ته حڪومتي ادارن تي هجي ته انهن نوبل انعام لاءِ سندس ادبي تخليقن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪئي. جيڪڏهن حڪومت واقعي به ان ڏس ۾ سنجيدگي سان ڪوشش ڪري ها ته هي هر لحاظ کان اهو عالمي ايوارڊ ماڻڻ جي اهل هو. ان نوبل انعام جو معيار ڇا هو، ان جون ڇا گهرجون هيون، ان جو علم به سڀني کان وڌيڪ شيخ اياز کي ئي هو.
شيخ اياز جي شاعري، سندس نثر، فن، فڪر، مطالعي مشاهدي ۽ ادب ۾ ڪيل تجربن تي ته هاڻي يونيورسٽين ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڪرايون پيون وڃن، سندس شخصيت ۽ ادب تي ته الائي ڪيترا ڪتاب، مضمون ۽ مقالا لکيا ويا آهن ۽ لکيا ويندا پر سندس سنڌي ادب جي خدمتن کي ڏسجي ته هو 19 هين صدي کان پوءِ سرجيل ادب جو سج بڻجي اڀريل ۽ ڇانيل هو. شيخ اياز کان متاثر ٿي الائي ڪيترا ماڻهو اديب ٿيا. جيڪڏهن شيخ اياز مان متاثر ٿيل انهن اديبن جا نالا لکجن ته انهن نالن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ڇپجي سگهجي ٿو. اڪثر سنڌي اديبن پنهنجي انٽرويوز ۾ اعتراف ڪيو آهي ته شيخ اياز مان متاثر ٿي ادب جي دنيا ۾ آيا ۽ ڪن لکيو آهي ته اياز جي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ سندس زندگي ئي تبديل ڪري ڇڏي هئي. ڪنهن به اديب لاءِ ان کان وڏو ڪو اعزاز ٿي ئي نٿو سگهي جنهن پنهنجي تخليق ۽ سوچ سان ماڻهن جون زندگيون تبديل ڪيون هجن. ايڏي وڏي رتبي تي پهتل شخص تي ئي ادبي ميلا مچي سگهن ٿا جنهن جي ذات مان اڪثريت کي ڪو فائدو رسيو هجي.
اياز ادبي ميلو رڳو ماڻهن جي مجموعي جي گڏ ٿيڻ جو نالو ناهي پر اهو جيئن ته ادبي ميلو آهي تنهن ڪري ان ميلي ذريعي هر سال اياز جي ادبي پاسن ۽ ڪاوشن جو هڪ جائزو پيش ڪيو ويندو آهي جنهن ذريعي نه رڳو شيخ اياز پر مجموعي طور تي سڄي سنڌي ادب جو تحقيقي جائزو بڻجي آڏو اچي ويندو آهي. جيڪڏهن اياز ميلو جي ادبي ويهڪن واري ڳالهايل مواد کي پني ۽ ڪمپوٽر تي اتارجي ته الائي ڪيترا ڪتاب ڇپجي سگهن ٿا ۽ اها انتهائي سرهائي جي ڳالهه آهي ته سنڌي ادب سان سلهاڙيل نئين نسل نه رڳو شيخ اياز کي ياد رکيو آهي، سندس ميلا ڪري رهيو آهي پر سندس ادبي ۽ قلمي پورهئي ۽ ورثي کي هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو به فرض ادا ڪري رهيو آهي. شيخ اياز جي روح کي اهو ڏسي ڪيڏي نه سرهائي ٿيندي هوندي ته سندس نالي اهو ادبي ميلو سنڌي سماج جون باشعور عورتون آرگانئيز ڪري رهيون آهن جيڪو عمل سنڌ ۾ آيل وڏي شعوري تبديلي جو پڻ هڪ وڏو مثال آهي. اسان اياز ميلو جي آرگنائيزرس امر سنڌو، عرفانه ملاح ۽ ان جي ٽيم کي مڃتا ڏيندي اياز ميلي جي موقعي تي ايڊيٽوريل به لکيو هو. عوامي آواز ميڊيا گروپ جيئن ته هڪ ادارو آهي تنهن ڪري اهو ادارتي نظر سان هر ان عمل جي همت افزائي کي پنهنجو فرض سمجهندو آهي جيڪو دنيا، انسان ذات ۽ سنڌ جي مفاد ۾ هوندو آهي.
شيخ اياز کي سندس ورسي جي موقعي تي به اڄ ان احساس وچان ياد ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ جي جديد شعوري تعمير ۾ شيخ اياز جو به تمام وڏو حصو رهيو آهي جنهن کي ياد ڪرڻ سنڌ ۽ سنڌي قوم توڙي ڏيهي ۽ عالمي ادب جي اهميت ۽ ضرورت کي بيان ڪرڻ هوندو. شيخ اياز اڄ پاڻ جسماني طور موجود ناهي پر سندس سوچ، فڪر ۽ فن اڄ به پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ موجود آهي. جيئن ماضي جي شيخ اياز کي پڙهي ان مان اتساهه وٺي سنڌي ادب جي آبياري ڪئي وئي تيئن ئي حال ۽ مستقبل جي ادبي نسل کي به يقينن شيخ اياز جي تحريري رهنمائي جي ضرورت پوندي تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته شيخ اياز سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو اديب آهي جنهن جي ادبي رهنمائي جي هر دور ۾ ضرورت پوندي.
شيخ اياز تي شخصي ۽ ادبي تنقيد بلڪل به ٿي سگهي ٿي ۽ تنقيد کان ڪير به مٿانهون ناهي هوندو. شيخ اياز پاڻ به وڏن وڏن اديبن تي تنقيد ڪئي آهي پر اها به حقيقت آهي ته انهن تنقيدن جي روشني ۾ انهن شخصيتن ۽ سندس ادب کي سمجهڻ جا نوان رستا پڻ کلندا آهن جنهن کي اسان ان اديب کي سمجهڻ جي سنجيده ۽ اڪيڊمڪ ڪوشش سمجهندا آهيون.