ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس بابت 18 سالن کان ڳنڍيل ڳجهارتون اڄ تائين حل نه ٿي سگهيون، بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پيپلز پارٽي 8 سال اقتدار ۾ رهڻ باوجود بينظير ڀٽو جي اصل قاتلن کي سامهون آڻڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ۽ بي وس رهي، دهشت گردي ٽوڙ خصوصي عدالت ۾ هي ڪيس لڳاتار 10 سال هليو، جڏهن ته گذريل 8 سالن کان ڪيس راولپنڊي بينچ هاءِ ڪورٽ ۾ التوا جو شڪار آهي، گذريل ٻن سالن دوران، يعني پهرين جنوري 2024 کان 27 ڊسمبر 2025 تائين، هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڀيرو به هي عالمي شهرت يافته قتل ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيو، پيپلز پارٽي جو صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جا عهدا رکڻ باوجود به ڪيس کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرائي نه سگهي، جڏهن ته ايندڙ 31 جنوري تائين به ٻڌڻي مقرر ٿيڻ جو امڪان ظاهر ناهي ڪيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007 تي لياقت باغ جلسي کان پوءِ واپسي دوران لياقت باغ چوڪ وٽ فائرنگ ۽ پوءِ خودڪش حملي ذريعي شهيد ڪيو ويو، ان واقعي ۾ 27 ڪارڪن به شهيد ٿيا ۽ 98 زخمي ٿيا، قتل ڪيس جون مجموعي طور چار جاچون ٿيون، جن ۾ گڏيل قومن، برطانوي اسڪاٽ لينڊ يارڊ، پنجاب پوليس ۽ آخري جاچ وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي ڪئي. ڪيس ۾ ڪل 7 چالان پيش ڪيا ويا، ٻڌڻي دوران 12 ججز تبديل ٿيا، 291 پيشيون ٿيون ۽ 57 شاهدن جا بيان قلمبند ڪيا ويا، ڪيس جي پيروي ڪندڙ سينئر پراسيڪيوٽر ذوالفقار چوڌري کي به ٻڌڻي واري ڏينهن شهيد ڪيو ويو هو، جنهن سان هي ڪيس وڌيڪ پيچيده بڻجي ويو.