اماراتي صدر جو دورو نجي نڪتو،آڌرڀاءُ لاءِ ڪروڙين رپيا پاڻي ۾؟

اسلام آباد(ظفر نقوي)گڏيل عرب امارات جو صدر شيخ محمد بن زايد النهيان ۽ ان جي ملڪ جو عوام اسان لاءِ قابلِ احترام آهن، پر ٻن ڏينهن کان سمورا رستا بند، سرڪاري موڪل، اهي اڏامون جيڪي اسلام آباد ايئرپورٽ تي شام 8 وڳي لهڻيون هيون، اهي رات هڪ وڳي لٿيون. عوام کي بيوقوف بڻائڻ واريون خبرون آيون ته ڪا تمام وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. پوري شهر ۾ بينر، بل بورڊ، روشنيون، فوارا—نه ڄاڻ ڇا ڇا ڪيو ويو. ڪروڙين رپين جو خرچ ٿيو، خبر ناهي ڪيترا ماڻهو ڪيتري رقم تي هٿ صاف ڪري ويا.هاڻي خبر پئي آهي ته اهو نجي دورو هو، اهي فيلڊ مارشل جي گهر ڪنهن تقريب ۾ شرڪت لاءِ آيو هو. خبر ناهي هي ملڪ آخر ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي؟ مهمانن کي ته ڪو فرق نٿو پوي، ڇو ته سندن ڪموڊ ۽ بيسڻ به سون جا آهن، پر اسان جي حڪمرانن ڇا بڻجندو؟ٻئي پاسي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گڏيل عرب امارات جو صدر اسلام آباد ايئرپورٽ تان ئي رحيم يار خان هليو ويو جتي هن جو نجي دورو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.