بينظير ڀٽو عورتن کي سياست ۾ اڳتي آندو:آصفه ڀٽو

لاڙڪاڻو(بيورو)شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سندس امڙ جي قربانيون هر عورت  ۽ نوجوان لاءِ همٿ ۽ حوصلو آهن. هن چيو ته بينظير ڀٽو عورتن کي سياست ۾ اڳتي آڻڻ ۽ کين برابري جا حق ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪئي، جيڪا اڄ به رهنمائي جو ذريعو آهي.ان موقعي تي صوبائي وزير عاجز ڌامراھ، اڳوڻو وزيراعليٰ قائم علي شاه ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو نالو تاريخ ۾ هميشه سنهري اکرن سان لکيل رهندو. هنن چيو ته پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي ۽ عوام جي حقن تان ڪڏهن به هٿ نه کڻندي. شيري  رحمان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي منعقد ٿيل وڏي عوامي جلسي کي اهم خطاب ڪندي چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوامي حقن لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، سندس جدوجهد پاڪستان جي سياسي تاريخ جو روشن باب آهي.شيري رحمان چيو ته بينظير ڀٽو عورتن لاءِ همٿ، بهادري ۽ قيادت جي علامت هئي، جنهن هر قسم جي آمريت ۽ انتهاپسندي جو مقابلو ڪيو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي، ميڊيا جي آزادي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي وسارڻ ممڪن ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه شهيدن جي نظريي تي هلندي آئي آهي ۽ اڄ به بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ عوامي مسئلن، مهانگائي، بي روزگاري ۽ ناانصافين خلاف جدوجهد جاري رکي آهي. شيرين رحمان چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ سنجيده ۽ ذميوار سياست ڪري رهي آهي،سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري مفاهمت جو بادشاهه آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.