لاڙڪاڻو(رپورٽ:ساجد تنيو)صدرِ مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت جا وڌيڪ جهاز به ڪيرائي سگهجيا پئي ، پر اسان ٿورو رحم ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن ٻيهر جنگ مڙهي ته اسان تيار آهيون۔ڳڙهي خدا بخش ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري چيو ته ”پاڪستان کپي“ جو نعرو به بي بي جو ئي نعرو هو۔هن چيو ته مودي کي هاڻي خبر پئجي وئي آهي ته اسان پاڪستان جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ڀارت کي شڪر ڪرڻ گهرجي ته اسان لحاظ ڪيو، نه ته سندن سڀئي جهاز ڪيرائي سگهيا پئي، جيڪڏهن ڪنهن پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏٺو ته ياد رکي، هتي زرداري ويٺو آهي. پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسندڙ ياد رکي ته هتي پيپلز پارٽي ۽ جيالا موجود آهن۔سندس چوڻ هو ته اسان اهڙو آرمي چيف بڻايو، جنهن ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو. ڀارت کي هاڻي خبر پئجي وئي آهي ته اسان پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا. ماني وساري ڇڏجو، گولي هوندي،اسان گوليون هلائينداسين. پاڻ کي دنيا جي وڏي معيشت چوندا آهيو، پر چار ڏينهن به جنگ نه ڪري سگهيا،اهو دل گردو توهان ڪٿان آڻيندؤ، جيڪو اسان جي فوجي سربراهه وٽ آهي؟صدر مملڪت چيو ته ڀارت وڏي طاقت ته آهي، پر پاڪستان جهڙو دل گردو ڪٿان آڻيندو؟ ڀارت پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف وارو حوصلو ڪٿان آڻيندو؟ ڀارت جا وڌيڪ جهاز به ڪيرايا وڃي سگهيا ٿي، پر اسان ٿورو رحم ڪيو. جيڪڏهن ڪنهن ٻيهر جنگ مڙهي ته اسان مڪمل طور تي تيار آهيون،هن چيو ته ماضي جي هڪ حڪومت دوران معيشت کي تباهه ڪيو ويو، پر هاڻي اسان نه رڳو ٻاهرين دنيا سان لاڳاپا بهتر ڪري رهيا آهيون، پر معيشت کي به بهتري جي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون۔هن فيلڊ مارشل عاصم منير جي ساراهه ڪندي چيو ته هو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اسان سان گڏ آهي، ۽ اڄ ٽرمپ به فيلڊ مارشل جي تعريف ڪري رهيو آهي،هن چيو ته اسان فوج جو اهڙو چيف بڻايو، جنهن ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، جنهن کان پوءِ مودي کي سمجهه اچي وئي ته جنگ ڪا راند ناهي۔آصف زرداري چيو ته مون پنهنجي ڪارڪنن کي چيو ته توهان بچي رهو،مان اڪيلو انهن جو مقابلو ڪندس، جنگ کان اڳ ملٽري سيڪريٽري مون وٽ اچي چيو ته سر جنگ شروع ٿي وئي آهي، بنڪر ۾ هلون، مون کيس چيو ته ليڊر ڪڏهن به بنڪرن ۾ ناهن مرندا،اهي ميدان ۾ مرندا آهن، جڏهن به ڌرتي ماءُ کي ضرورت پوندي، اسان تن، من ۽ ڌن قربان ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻائينداسين،هن وڌيڪ چيو ته اسان جنگ جا شوقين ناهيون، پر جيڪو به اسان جي ڌرتي ڏانهن اک کڻي ڏسندو، ان کي اسان جي فوج رڪ جا چڻا چٻرائڻ لاءِ تيار آهي۔آخر ۾ صدر عمران خان جو نالو نه وٺندي چيو ته هڪ بيوقوف ماڻهو چئن سالن ۾ دنيا سان اسان جا لاڳاپا خراب ڪري ڇڏيا۔هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حقن لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو، هوءَ رڳو هڪ اڳواڻ نه پر هڪ نظريو هئي، جيڪو اڄ به زندهه آهي ۽ هر دل ۾ ڌڙڪي رهيو آهي،هن چيو ته بينظير ڀٽو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي، دهشتگردي خلاف جدوجهد ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هر دور ۾ قربانيون ڏنيون آهن ۽ اڄ به عوام جي اميدن تي پوري لهڻ لاءِ جدوجهد جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن مان ڪڍڻ لاءِ اتحاد، صبر ۽ جمهوريت تي يقين ضروري آهي. جلسي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن مان آيل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪيو.