محراب پور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، وارثن جون دانهون

محرابپور (رپورٽ: آصف علي سيال) محراب پور پوليس جي مبينا مقابلي ۾ 2 نوجوان مارجي ويا، پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل جوابدارن جي سڃاڻپ فتح پور واسي اشرف ۽ وقار نوناري طور  ي، جڏهن ته مارجي ويلن جا مڙھ رورل هيلٿ سينٽر جي مرده خاني آندا ويا، پوليس جو چوڻ هو ته ٻئي جوابدار ٽي ڏينهن اڳ محرابپور ۾ ڦر ۽ قتل واري واردات ۾ ملوث هئا، جن سان محرابپور ڀرسان بروهي موري وٽ ڪيلن جي باغ کان مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻئي جوابدار مارجي ويا ۽ سندن وٽان ٻه لک ۽ پسٽل پڻ برآمد ٿيا آهن، واضع رهي ته ٽي ڏينهن اڳ ٺري ميرواھ واسي غلام شبير شر کي معصوم ڌي ۽ زال سامهون سرعام وچ شهر ۾ ڦر ڪئي وئي، مزاحمت تي کيس قتل ڪيو ويو ۽ ڦورو کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندڙ محرابپور واسي انجنيئر عمران مغل کي پڻ ڦورو فائرنگ ڪري قتل ۽ واٽهڙو نينگر علي شان غوري کي مرڻنگ ڪيو هو. هوڏانهن مارجي ويل ٻن ڄڻن جي وارث عورت هنجون هاريندي اسپتال پهتي، جتي احتجاج ڪندي محرابپور واسڻ مسمات زينت نوناري چيو ته پوليس منهنجي ڀاء ۽ سئوٽ کي بيگناھ ماري ڇڏيو آهي، هن چيو ته پوليس وٽ ڪو ثبوت آهي ته پيش ڪري باقي بيگناھ ظلم ڪيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پوليس اسان جا ٻيا گهر ڀاتي پڻ بيگناھ کنڀي کڻي وئي آهي، جن ۾ مسمات پٺاڻي، مجاهد، زاهد، ذوالفقار ۽ معصوم ٻارڙي سيرت شامل آهن، هن وس وارن کان واقعي جي شفاف جاچ ڪري تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.