رانوتي (رپورٽ: برڪت علي گھڃو) رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ گهوٽڪي پوليس ۽ رينجرز جي ڪامياب ڪارروائي، 11 مغوين کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ، رانوتي جي ڪچي اندر ڏوهارين خلاف هلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران ٽن ڏينهن اندر ڏوهارين وٽ يرغمال بڻيل پنجاب جي مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 11 مغوين کي حفاظت سان آزاد ڪرائي ورتو، آزاد ٿيلن ۾ مشتاق احمد، عملدار حسين، حسن نواز، منصب علي، محمد اسحاق، سيلم جان، محمد اعجاز وارث خان، خضر حيات ۽ ٻيا شامل آهن، ايس ايس پي گهوٽڪي محمد انور کيتران دعويٰ ڪئي آهي ته ڊي آئي جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ جي اڳواڻي ۾ وفاقي سول انجٽيليجنس ايجنسي جي مدد سان ڏوهارين خلاف هلندڙ انٽيلجنس بيس تي ٽارگيٽيڊ آپريشن دوران ڏوهارين پاران مختلف طريقن سان هرکائي اغوا ڪيل مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 11 ڄڻن کي ڀنگ لاءِ اغوا ڪري ڪچي واري علائقن ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، جن کي ڪامياب آپريشن دوران ڏوهارين آزاد ڪرائي ورتو آهي، جن کي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو.